عمرڪوٽ/ڪنري/ڍورونارو/سامارو(نمائندن وٽان) اين اي 213 تي ننڍي چونڊ، مختلف شهرن ۾ افطار پارٽيون، ڪئنالن جا تذڪرا، جي ڊي اي پاران عيد کانپوءِ پاور شو  ڪرائڻ جو اعلان خبر موجب جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي مختلف علائقن ۾ چونڊ مهم دوران افطار پارٽين کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪئنال ٺهڻ نه ڏبا، عيد کانپوءِ پاور شو ڪنداسين، هن چيو ته لال مالهي درياهه بچايو ڪميٽي جو اميدوار آهي، 17 اپريل تي ڪامياب ٿيندو، ٻٽي پاليسي هلڻ نه ڏينداسين، فارم 47 وارن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، هن چيو ته جيڪڏهن پ پ وارا سچا آهن ته پوءِ وفاقي حڪومت کان ڌار ڇو نه ٿا ٿين؟ هاڻي ڪئنال اشو پ پ کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيندو، هنن سنڌ کي اڪ جي ماکي سمجهي کاڌو آهي، ٻئي طرف افطار پارٽي کي خطاب ڪندي تيمور ٽالپر چيو ته ڪئنال سڄي سنڌ جو مسئلو آهن، مخالف عوام کي ورغلائن پيا، اسان واضع ڪري چڪا آهيون ته ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين، ان بابت اسيمبلي جي گڏيل سيشن ۾ صدر آصف علي زرداري واضع طور مخالفت ڪري چڪو آهي ته ڪئنال منصوبو ختم ڪيو وڃي، جيڪڏهن وفاق پنهنجي ضد تي قائم رهيو ته اسان حڪومت کان ڌار ٿيڻ ۾ دير نه ڪنداسين، باقي مخالف چاهين ٿا ته اسان مضبوط فورم ڇڏي گهر ويهي مخالفت ڪريون ته اهو ٿي نه سگهندو ڪئنال اسيمبلين ۾ ويهي رد ڪرائي سگهجن ٿا، واضع رهي ته ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ ڪنري لڳ ڳوٺ ڪنري ميمڻ ۾ جي ڊي اي پاران افطار پارٽي منعقد ڪئي وئي، جنهن کي لال مالهي ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي، اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ ۽ اڳوڻي تعلقي ناظم محمد ڄام ميمڻ سان ملاقات ڪري چونڊن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، سامارو جي مختلف علائقن ۾ نواب تيمور ٽالپر ڪارنر گڏجاڻين ۽ افطار پارٽين کي خطاب ڪيو، ڳوٺ محمد موسي شاھاڻي ۾ محمد موسي شاھاڻي، محمد اسلم شاھاڻي ۽ شاھاڻي برادري پاران پروگرام رکيو هو، جڏهن ته عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ شھيد فقير امين مڱريو ۾ جي ڊي اميدوار جي حمايت ۾ فقير حاجي الياس مڱريو، فقير غلام قادر ۽ غلام حيدر مڱريو پاران افطار ڊنر ڏئي ھڪ وڏو ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪري ئي لال مالھي جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو ويو، هوڏانهن ڍورونارو جي ڳوٺ ولي محمد جادم مڱريو ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن کي جي ڊي اي جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي، فقير خضر حيات مڱريو، مگھن مڱريو،امير ٿيٻو، ضمني اليڪشن ۾ دريا بچايو تحريڪ جي اميدوار لال مالھي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هن ڀيري ڪاميابي اسان جو مقدر بڻجي وئي آهي، جن ماڻهن سنڌ جا وسيلا کپائي پنهنجي محل ٺهرايا آهن عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، لال مالهي چيو جيڪي ماڻهو پاڻ کي بادشاهه سلامت ٿا سمجهن انهن ماڻهن کي هاِڻي چانهه پيارڻ وارو به نه ٿو ملي.