نوان جتوئي (ن پ ا) نيشنل پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي چيو آھي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي ڪيل جدوجهد کي سلام پيش ڪيون ٿا ۽ اسان شاگردن سان هر محاذ تي گڏ آهيون، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته 4 مارچ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي شاگردن حڪمران ڌر پاران زبردستي 6 ڪينال ٺاهڻ خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ۽ شاگردن جي ان پر امن احتجاجي مظاهري تي سنڌ پوليس طرفان ڪيل  لاٺ بازي ۽ تشدد پوليس گردي آھي، جنھن عمل جي سخت لفظن ۾  مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال اڏڻ سان سنڌ بنجر ٿيندي ۽ سنڌ جو ماڻھو بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويندو،  ھن چيو ته ھڪ پاسي صدر آصف زرداري 6 ڪينالن ٺاهڻ جو بل پاس ڪيو آهي ته ٻئي پاسي پ پ جي سنڌ گورنمينٽ مخالفت ۾ بيان ڏئي رهي آهي، هاڻي سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي جيڪو انھن جي ٻٽي پاليسي کي سمجهي ٿو، هن چيو ته اسان جي ڊي اي جو حصو آهيون ۽ رهنداسين.