مٽياري(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ڊويزن جو 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڀٽ شاھ کان نڪتل درياھ بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ ٽئين ڏينھن کيبر کان منزل ڏانهن روانو ٿيو. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون ، مٽياري ضلعي صدر ماجد خاصخيلي، نعيم خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، شازيه احمداڻي، نذير بليدي، آغا عباس، معشوق چانڊيو، فريد ملاح، الطاف کوسو، خادم سمون، عبدالغفور کوسو، ثناء الله بليدي، دلبر اوڏ، راول سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾قافلو نڪتو. درياھ بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ رات سيکاٽ ۾ ترسڻ بعد اڄ مٽياري طرف روانو ٿيندو. پيادل مارچ کي خطاب ڪندي الطاف خاصخيلي چيو ته ڪئنال ٺهيا ته سنڌ ڪربلا جو ميدان هوندي ماڻهو پاڻي جي هڪ ڍڪ لاءِ تڙپندا .ٽن صوبن کي ريگستان بڻائي هڪ صوبي کي سرسبز بڻائڻ ڪٿي جو انصاف آهي؟ ملڪ رواداري، برابري ۽ انصاف تي هلن ٿا، نه ڪي تعصب ۽استحصال تي. هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 55 سيڪڙو آهي 1991ع جي معاهدي موجب 117 ايم اي ايف پاڻي موجود نه آهي جڏهن پاڻي موجود ئي نه آهي . سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو ته نوان ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ڪينال ھر ان ماڻهوءَ جو مسئلو آهي جيڪو سنڌ ۾ رھي ٿو جنهن وٽ ڀلي هڪ جريب زمين به نه هجي، حڪمرانن کي مڳي آهي اھي سمجهن ٿا ته سنڌي سندن کيسي ۾ پيل آهن انهن جو دماغ خراب آهي سنڌي غلام نه آھن ھو پنهنجي سنڌ جو پاڻي وڪڻڻ نه ڏيندا. قومي عوامي تحريڪ مٽياري ضلعي جي صدر ماجد خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته ھي وقت مايوس ٿيڻ، ٿڪجڻ، روئڻ، بھانا ڪرڻ، ڳوڙھا ڳاڙڻ ۽ گھر ويھڻ جو ناھي، ھي وقت ڳاٽ اوچو ڪري، جھر جھنگ سجاڳ ڪرڻ ۽ گھٽي گھٽي ۾ مزاحمت ڪرڻ جو آھي.