نئون ديرو (ن پ ا) پيپلز پارٽيءَ چولستان ڪئنال سميت تڪراري 6 ڪئنالن واري منصوبي کي سنڌو درياهه تي ڌاڙو ۽ صوبن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ سميت سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو آهي، اهڙو اظهار پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 17 هين ورسي جي سلسلي ۾ جلسي بابت لاڙڪاڻي ڊويزن جي اجلاس کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، نثار کهڙو چيو ته سنڌ کي چولستان ڪئنال سميت 6 ڪئنالن جو منصوبو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ۽ سنڌ هنن ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪري ٿي. هن چيو ته صوبي جي مرضيءَ جي بغير پاڻي معاملي ۽ ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي جيڪڏهن صوبي جي رضامنديءَ جي خلاف زبردستي تڪراري ڪئنال منصوبي جي منظوري ورتي وئي ته سنڌ جو عوام روڊن تي هوندو. ان لاءِ اسان وفاقي حڪومت تي واضح ڪيون ٿا ته سنڌ پنهنجي سنڌو درياهه تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي.نثار کهڙو چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم ۽ ڪئنال منصوبي جي ايوان صدر مان منظوري جي ڳالهين ۾ ڪا به صداقت ناهي.نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن جو معاملو ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهي ٿو،مولانا فضل الرحمان سان ڳالهيون جاري آهن،جڏهن ته اجلاس ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 17 هين ورسي جي موقعي تي 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ وڏو جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.