ڪنري (ن پ ا) اين اي 213 عمرڪوٽ جي ننڍي چونڊ تي سياسي سرگرميون شروع ٿي ويون آھن، پ پ اميدوار صبا ٽالپر جي پٽ نواب تيمور ٽالپر پاران سندس والده جا ورڪ شروع ڪيا ويا آھن سندس مخالف ۾ پي ٽي آئي ۽ جي ڊي اي جي گڏيل اميدوار لالچند مالهي به سندرو ٻڌي ميدان ۾ لھي پيو آھي، ٻنھي پاران جيت لاءِ ورڪ مھم سان گڏ افطار پارٽين ۾ شرڪت ڪري چونڊ مھم کي تيز ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر ڪنري شھر ۾ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين حاجي شڪيل باجوا جي ڏنل افطار پارٽي ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالھائيندي نواب تيمور ٽالپر چيو ته وفاقي حڪومت ۾ ايتري طاقت ناهي جو اسان ڪئنالن کي رد ڪريون ۽ وفاق اهو ڪئنال ٺاھي، 6ڪئنال ڪڍڻ نواز ليگ جو خواب هو جيڪو پورو نه ٿيندو، ڪئنال ڪڍڻ جو ڪنھن ۾ دم ناهي اگر ائين ٿيو ته نواز ليگ جي حڪومت کي 24 ڪلاڪن ۾ لت ھڻي ڪيرائي ڇڏينداسين هن چيو ته ڪالا باغ ڊيم جيان 6 ڪئنالن کي به پ پ آئوٽ ڪري ڇڏيا آھن، سنڌ جي عوام باشعور آھي، صدر آصف زرداري جوائنٽ سيشن کي ڪئنالن کي رد ڪري چڪو آھي، ڪئنالن جي ٺھڻ جو ڪو جواز ناهي، ويچاريون جماعتون ڪئنالن جو ڪارڊ استمعال ڪري وٺن ڀلي کيس شڪست ملندي، چونڊ مھم جي سلسلي ۾ سندس چوڻ ھو ته اسان جي مخالف گروپ ۾ اگر ڪا جماعت رهجي وئي آھي ته اهو به جوائن ڪري شوق پورو ڪري وٺن، ٽانگا پارٽي جماعتون گڏجي به مقابلو نٿيون ڪري سگهن، ڀلي آزمائي وٺن. اسان عمرڪوٽ ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن جا ڄار وڇايا آھن ميگا اسڪيمن تي ڪم هلي پيو اهو جلد مڪمل ٿينديون ڪنري تعلقي ۾ استادن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ جو مسئلو آھي جيڪو جلد حل ڪرايو ويندو، عوام جي خدمت ڪئي آھي اين اي 213 تي اسان ليڊ سان کٽينداسين، ان موقعي تي نواب تيمور ٽالپر پاران ڪنري سٽي جي سمورن وارڊن جي ڪائونسلرن، اڳواڻن، يوسي نبي سر ٿر جي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ڪري چونڊ سلسلي ۾ هدايتون جاري ڪيون.