سنڌ حڪومت جي ترجمان ارسلان اسلام شيخ جو ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڻ هو ته يو اين اي، ورلڊ بينڪ سميت ٻين عالمي ادارن پاڪستان ۾ ڏڪار جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، چولستان ڪينال نٿو ٺھي سگھي، ڪجهه ماڻهو سياست چمڪائڻ لاءِ تنقيد ڪري رهيا آهن، سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ 90 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، اسان سنڌ اسيمبلي ۾ ڪئنالن خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو آهي، وفاق آڏو اعتراض اٿاريا آهن، چولستان ڪئنال تي ڪو به ڪم نه هلي رهيو آهي، خبر ناهي ته زين شاهه ڪٿان ٿي آيو آهي؟