پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن ۾ سنڌو درياهه تي 6 ڪينال اڏڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ۽ ارسا ايڪٽ ترميم خلاف عوامي تحريڪ طرفان احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي وسند ٿري، نور احمد ڪاتيار، لطيف ڀٽي، حسين سومرو، ڊاڪٽر فدا ڀريجو، علي نواز عمراڻي، سرور سنڌي ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف جدوجھد جاري رهندي، سنڌ کي ڏيڍ صدي جو حساب گھرجي، هنن چيو ته سنڌو درياهه تي وک وک تي پنجوڙ وڌا ويا آهن، ڊيمن ۽ ڪينالن سنڌو درياهه کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته انڊس ڊيلٽا مڪمل ختم ٿي ويو آهي، سنڌ جا لکين ماڻهو بيروزگار ۽ دربدر ٿي چڪا آهن، چولستان ڪينال ٺاهي ڪروڙين سنڌين کي مارڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪينال سنڌي قوم جي نسل ڪشي ڪرڻ برابر آهي.