ڪئنال نه کپن: سنڌ ۾ تحريڪ جاري، سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جا مظاهرا، مارچ، ڌرڻا

0
30
ڪئنال نه کپن: سنڌ ۾ تحريڪ جاري، سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جا مظاهرا، مارچ، ڌرڻا
ڪئنال نه کپن: سنڌ ۾ تحريڪ جاري، سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جا مظاهرا، مارچ، ڌرڻا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف احتجاجي تحريڪ جاري، مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جا مظاهرا، مارچ، ڌرڻا، ريليون، خبر موجب سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف احتجاجي تحريڪ جاري آهي، ڪالهه مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻا هنيا ۽ ريليون ڪڍيون، ٽنڊو محمد خان زرعي دوائن جي واپارين، سول سوسائٽي ۽ شهرين آصف چانڊيو، سرواڻ ٻگهيو، عبدالرشيد ڪونڌر، سليم ميمڻ، الهجڙيو ويسريو، اعظم ڀٽي، زاهد جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڄامشورو ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن، قومپرستن ۽ نوجوانن پاران ڪوٽڙي اتحاد جي سڏ تي ايم نائن موٽروي تي احتجاجي  مظاهرو ڪري پنجاب ويندڙ رستي تي ڌرڻو هنيو ويو، دادو ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي صدر عبدالخالق ٻگهي ، مفيد احمد ناريجو، علي بخش لنڊ، عابد حسين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، مٺي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ٺٽو ۾ يوسي جھمپير ۽ يوسي چنگھڙي جي ڳوٺاڻن انور جاکرو، عيسيٰ برفت، عمر برفت، رشيد پالاري، بخش علي جاکرو، عمر پالاري۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سجاول ۾ آل سنڌ پيسٽي سائيڊ طرفان عبدالغفار ٻارڻ، علي محمد ڀرڳڙي، شريف رند، اسلم جماري، مجيد سومرو، ڪامران ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سيوھڻ ۾ درياءَ بچايو تحريڪ پاران محمد نواز رند، اصغر شاھاڻي، مريد بروھي، يوسف کوسو اڳوڻي ۾ مشعل  بردار ريلي ڪڍي وئي، راڌڻ ۾ نوجوان اتحاد ۽ قومپرست اڳواڻن طرفان عاشيه سرگاڻي، سپنا سرگاڻي، نسيم سرگاڻي، خيرالنساءِ سرگاڻي، ناهيد سرگاڻي، عاقب سرگاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 7 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ شھري اتحاد طرفان ايڊوڪيٽ مصري جانوري، زاھد سومرو، صابر راڌڻ  ۽ ٻين پاران مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، ميھڙ ۾ شاگرد اتحاد پاران پنهل کوسو ، اساما چانڊيو، سرفراز کوسو، سڪندر سوڍر، رحيم بخش ٻگهيو، نصرالله جهتيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، کورواھ ۾ ڳوٺ بصر لاشاري جي ڳوٺاڻن ڪارو گونگڙو اسٽاپ کان کورواھ تائين 6 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو، پڊعيدن ۾ شاگرد اتحاد پاران محمد علي سومرو، شاھزيب ڪلھوڙو، دلشاد پھنور، جي ايم پلھه، فھد ڪلھوڙو، سلمان ڪلھوڙو، شاھزيب لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٽنڊوآدم ۾ سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل پاران اَمر فيضان سومرو، دانيال پنهور ۽ عمر ورياھ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، محرابپور ۾ عاقل شاهه يادگار ڪاميٽي جي سڏ تي جاني شاهه، سيد نويد شاھ، يونس راڄپر، مولا بخش مشوري، شاهنواز سولنگي، عاشق چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جروار ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي منظور نائچ، محمد بخش گبول، خدا بخش منگراهه،  غلام حيدر بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سٺ ميل ۾ ڳوٺ سيد گل شاھ ۾ اسڪولي ٻارڙن خير محمد مري، صدام مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلصي ڪڍي، قاضي احمد ۾ فتح پور مان درياءَ بچايو ڪاميٽي پاران ايس يو پي صدر سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن جي موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن جي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ وڏي انگ ۾ آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي، کپرو ۾ درياءَ بچايو ڪاميٽي پاران رسول بخش ڪنڀر، غلام حسين ھنڱورو، اڪبر مري، سرمد عباس درس، شوڪت بڙدي، لائق ھنڱورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، نوان جتوئي ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي پاران خادم چانڊيو، دائود عمراڻي، اعجاز پٺاڻ، زاهد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، گمبٽ ۾ صادق پبلڪ اسڪول جي شاگردن ڪلاسن ۾ احتجاج ڪيو، مورو ۾ جسقم جي سڏ تي امتياز کوسو، اسلم ڪوريجو، سليم جان ڀٽي، ياسين سومرو، لطيف راشد شاھ، جي ايم سعيد شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڳڙهي خيرو ۾ شاگرد اتحاد جي سڏ تي حنيف رئيساڻي، حسن اعجاز بروھي، اظھار جمالي، اسد الله حيدري ۽ ديدار عمراڻي جي اڳواڻي ۾ بيگاري پل تي ڌرڻو ھنيو ويو، احتجاجي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي  اڳواڻن چيو ته ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن، سنڌ جي هر طبقي پيپلزپارٽي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي، هنن چيو ته ڪئنالن تي ڪم ڏيڍ سال کان هلي رهيو آهي، ڪئنال ٺهيا ته سنڌ بنجر بڻجي ويندي، هنن چيو ته وفاقي وزيرن کي سنڌين لاءِ غلط لفظ استعمال نه ڪرڻ گهرجن، سنڌ ۾ شرپسند نه پر ڪروڙين ڀينرون ۽ ڀائر احتجاج ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجي چيو ته نواز ليگ قيادت سنڌو درياءَ جي بقا لاءِ تحريڪ هلائيندڙ 7 ڪروڙ پرامن سنڌين کي نواز ليگ جي اڳواڻن خواجه آصف ۽ عطا تارڙ پاران شرپسند ڪوٺڻ تي معافي وٺي، سنڌو درياءَ 7 ڪروڙ سنڌين جي جياپي جي ديوي آھي، ان جي بقا لاء پرامن جدوجهد ڪندڙن کي شرپسند چوندڙ نوازليگ جا اڳواڻ ياد رکن ته انهن مان اگر 7 هزار سنڌي  واقعي به شرپسند بڻجي پيا ته توهان لاء ڏکيو ٿي پوندو، پ پ پ جي احتجاج جي ڍونگ کي سنڌي قوم ٽشو پيپر جيان تاريخ جي ڪچري واري ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو آھي. هر ضلعي ۾ لکين ووٽ کڻڻ جا دعويدار پ پ پ جا سڀئي چونڊيل نمائنده  هر ضلعي ۾ ٻٽي سئو ماڻھو به احتجاج ۾ شامل ڪري نه سگهيا، ان مان پ پ پ جي ڪوڙي عوامي مينڊيٽ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، سنڌ جي عوام پ پ پ کي رد ڪري چڪو آھي،  پ پ پ جي احتجاج ۾  لاهوتي جي ڏهه روپيه گلاس واري  ميلن ۾ هلندڙ اعلان جهڙو منظر هو، پ پ پ قيادت احتجاج جو ڍونگ ڪرڻ بدران وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ۽ سنڌي قوم سان گڏ بيهي ٻئي صورت ۾ سنڌ جي عوام کي بيوقوف نه بڻائي،اسان بقا جي جنگ ۾ رت وهائي سگهون ٿا پر پوئتي نه هٽنداسين، سنڌ ڪنهن انگريز يا چوڌري جو فتح ڪيل علائقو ناهي، اسان 1940ع جي قراردات تحت برابري جي بنياد تي ملڪ ۾ شامل ٿيا هئاسين، اسان جي نڙي تي ننهن ڏيندئو ته ان جا نتيجا انتهائي خطرناڪ نڪرندا