ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ڌرتي ڌڻين جي تحريڪ جاري، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هڙتال، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، ريليون، خبر موجب وفاق ۽ پنجاب پاران سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ڌرتي ڌڻين جي تحريڪ جاري آهي، ڪالهه ڪڙيو گهنور، ماتلي، قاضي احمد، ميهڙ، باڊهه ۽ وارهه ، لالو رانئڪ، نندو ۽ ساڪرو ۾ هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، حيدرآباد ۾ سيو سنڌو ڊاڪٽرس فورم پاران جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال ۾ ڊاڪٽرس ڪنوينشن ڪوٺايو ويو، لاڙڪاڻو ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ شيعه علماءِ ڪائونسل طرفان الڳ الڳ احتجاجي ريليون ڪڍي ڪيون ويون. ريلين جي اڳواڻي پيرمحمد علي جان مجددي، مولانا عبدالله ڀٽو، مولانا سجاد حسين ڀٽو، مولانا محمد اسلم ڪلهوڙو، مولانا رياض حسين الحسينيءَ، مولانا جنتي، رستم لنڊ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، دادو ۾ تحريڪ لبيڪ جي سڏ تي حافظ راشد رضوي ، مجيب پنهور ، انجمن تاجران جي گل حسن پنهور ۽ ايس يو پي جي امتياز عمراڻي جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جيڪب آباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران گلزار سومرو ڊاڪٽر سومار مڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي، گهوٽڪي ۾ سنڌو درياءُ بچايو ڪاميٽي پاران عبدالرئوف دايو، سيد جمال شاهه، نصرالله ڪلادي، خالد لاکو، لال بخش گهوٽو، شاهنواز وسير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، خيرپور ۾ تاجر برادري طرفان شهر ۾ مڪمل طور تي شٽر بند هڙتال ڪري عاشق حسين عباسي، ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي، احمد بخش ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته قومپرست تنظيم پاران فرمان سنڌي، باغي راشد، مھتاب جانوري جي اڳواڻي ۾ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو، قمبر ۾ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سڏ تي امتحاني پيپر ختم ٿيڻ بعد هاءِ اسڪول کان شاگردن ريلي ڪڍي غوث بخش ٻرڙو، سمير گوپانگ، فهد لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ٻئي طرف شيعا علماءِ ڪائونسل جي سڏ تي ريلي ڪڍي علامه سيد اقبال زيدي، سيد رياض حسين شاھ، ظھير عباس قريشي،صابر حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، مٽياري ۾ ريڊيو ۽ اسٽيج جي راڳي اظھار عمراڻي معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاج ڪيو، ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ عوامي فورم پاران سنڌ ھاري ڪميٽي جي اڪبر جتوئي ، ڊاڪٽر انور حاجاڻو ، ڊاڪٽر حسن لغاري ، ڊاڪٽر امرشي ٺاڪر ، منور سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو، جهنڊومري ڀرسان پيارولنڊ ۾ سلمان لنڊ، محمد قاسم لنڊ، عمران شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪوٽڙيءَ ۾ ملاح فورم طرفان ماجد ملاح، دلدار ميراڻي، منٺار ملاح جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، راڌڻ ۽ ميهڙ ۾ قوم پرست تظيم جي سڏ تي مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي، ميرپور ماٿيلو ۾ تحريڪ لبيڪ طرفان مولانا محمد علي گبول، ميان محمد عابد حسين قادري، مولوي مشتاق احمد رضوي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، خانپورمهر ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاران محمد نواز سمون، مولانا محمد خان انڍڙ، استاد تاج محمد مهر، شوڪت ميراڻي، غلام اڪبر، آفتاب ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنج گلي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ڪنڊيارو ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل طرفان امام بارگاهه باقر شاهه کان واجد ڪربلائي، امجد حسين، سجاد حسين، مجاهد انقلابي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،شهدادپور ۾ عوامي سٿ جي سڏ تي شاعر مهر ڊٻائي، رياض کيمٽيو، مير رند، ايس ڪي ڳاهو، مشتاق سهتو، حڪيم چانڊيو، احسان جمالي جي اڳواڻي ۾ هالا چوڪ کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو ويو، فيض گنج ۾ مختلف تنظيمن پاران حامد رضا، مولوي محمد رفيق، سعد الله شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، اوٻاوڙو ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان علي نواز خان سپيو، پناهه ڀٽو، پپو سپيو، ضمير رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، گمبٽ ۾ جي ڊبليو سي جي ڪارڪنن آصف لاکائي، وفا جاڳيراڻي، فريد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ روهڙي ڪئنال پل تي سنڌو درياءَ کي رت جو عطيو ڏئي ۽ گل نشاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي، قاضي احمد ۾ تحريڪ لبيڪ پاران مولانا عاشق حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، مورو ۾ قومپرست تنظيم جي ڪارڪنن قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو جنهن تي پوليس اٽالن پهچي لٺبازي ڪري ڏني، چڪرين ۾ ھڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، لعلورائنڪ ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف شٽربند هڙتال ڪري قومپرست تنظيم جي سڏ تي شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن طرفان ڪاروبار بند ڪري وارهه-لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، ميروخان ۾ تڪراري ڪئنالن خلافشيعا علماءَ ڪائونسل جي سڏ تي صابر حسين وڌو، منير احمد جعفري، احسان علي گوپانگ، ديدار جتوئي، محمد حسن جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، گاجي کهاوڙ ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل طرفان ريلي ڪڍي ڪاظم کهاوڙ، منير کهاوڙ، امير کهاوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، نصيرآباد ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل طرفان اسد اقبال زيدي، رياض حسين الحسيني، محمد ملوڪ لغاري، ڪاظم رضا جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي آرٿر پل وٽ احتجاج ڪيو ويو، وڳڻ ۾ جماعت اسلامي، سجاڳ نوجوان اتحاد، عوامي حقوق اتحاد وڳڻ المغيري نوجوان سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ شھرين جي اڳواڻي ۾ ڪامريڊ غلام حسين مغيري، الطاف حسين وڳڻ، جمال الدين سومرو، ممتاز وڳڻ، جنيد ابڙو، محمد ابراهيم دايو، گلاب وڳڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، خانپور ۾ مجلس وحدت المسلمين پاران اصغر سيٺار طاھر سيٺار واجد شاھ اصغر مڱڻهار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، سجاول ۾ ٽي ايل پي پاران سرور کٽي قادري، حافظ سھيل مصطفيٰ کٽي، مولوي منظور لغاري، حافظ مرتضيٰ ٻارڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميرواھ گورچاڻي ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاران مولانا عامر مگسي، نواب بنگلاڻي، منور گورچاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مئنالن وارو منصوبو سنڌ سڪائڻ جي سازش آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ ۾ تباهي اچي ويندي، هنن مطالبو ڪيو ته منصوبو ختم ڪيو وڃي.