ڪئنال نه ٺهندا، ڪنهن کي تحريڪ جو شوق آهي ته پورو ڪري: شرجيل

0
13
ڪئنال نه ٺهندا، ڪنهن کي تحريڪ جو شوق آهي ته پورو ڪري: شرجيل
ڪئنال نه ٺهندا، ڪنهن کي تحريڪ جو شوق آهي ته پورو ڪري: شرجيل

ٽنڊوڄام(ن پ ا) سنڌ حڪومت جي سھڪار سان غريبن کي سولر پليٽ پروجيڪٽ جي تقسيم واري تقريب، راول هائوس تي ٿئي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير توانائي سيد ناصر شاهه، ايس ايس پي حيدرآباد، ايس ايس پي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، پي ايس 63 جي سمورين يوسي جا چيئرمين وائيس چيئرمين سميت سوين جيالن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ڪئنالن بابت پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف واضع آھي، ته ڪنھن به صورت ۾ ڪئنال نه ٺھندا، پر جيڪڏھن ان تصديق باوجود ڪنھن کي تحريڪ ھلائڻ جو شوق آھي ته انھن جو اھو جھموري حق آھي، هن چيو ته ڪئنالن خلاف جيڪي ڌريون تحريڪ ھلائي رھيا آھن، اھي ڀلي ماڻھن کي روڊن تي آڻين پر بلاول ڀٽو زرداري، سيد مرادعلي شاھه ۽ پ پ پ واضع ڪري چڪي آھي، ڪئنال نه ٺھندا، ھن چيو ته ان ڳالھه جي تاريخ شاھد آھي ته ڪالاباغ ڊيم جو خاتمو پ پ پ ڪيو، صوبائي خودمختياري، اين ايف سي ايوارڊ پ پ پ ڏنو، ھر چونڊ ۾ پ پ پ خلاف اتحاد ٺھن ٿا، ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي، قومپرست ، مذھبي جماعتون گڏجي پ پ پ سان چونڊ  وڙھن ٿا، پر فتح ھميشه پ پ پ جي ٿيندي آھي، ڇو ته پيپلز پارٽي ھر حڪومت ۾ ڪم ڪيو، بھتر ڪارڪردگي پھريون کان وڌيڪ سيٽون ۽ ووٽ حاصل ڪيا، ھن چيو ته ڪجھ ڌريون، عوام کي ڪوڙ وڪڻڻ ۽ زھر ڦھلائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، ھن چيو ته چون چون جا مربا صرف چونڊن دوران ظاھر ٿيندا آھن، اليڪشن کان پوءِ گم ٿي ويندا آھن، ھن چيو ته  پوري پاڪستان ۾ صحت ۾ وڏي ۾ وڏو ڪم، سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪيو، مفت ڪينسر، دل ۽ جگر جو علاج ڪيو پيو وڃي، ھن چيو ته 75 سالن دوران جن علائقن تائين بجلي نه پهتي، انهن لاءِ سنڌ حڪومت سولر سسٽم، پکا ۽ بلب مهيا ڪري رهي آهي.، ھن چيو ته ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان سکر ۽ شهيد بينظير آباد ۾ به سولر سسٽم فراهم ڪيو ويو آهي، جنهن سان علائقن جي رهواسين کي فائدور پهتو آهي، شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت 2 لک کان وڌيڪ خاندانن کي ميرٽ تي سولر سسٽم فراهم ڪري رهي آهي، هي سهولت رڳو غريب ماڻهن ۽ هارين لاءِ آهي، امير ماڻهن کي ان مان ڪو به فائدو نه ڏنو ويندو،.هن پنهنجي خطاب ۾ واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي ملڪ کي آئين، ايٽمي طاقت، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، 18هين ترميم، ۽ عورتن جا حق ڏياريا. شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري عالمي سطح تي پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز سان پيش ڪيو.