مورو(ن پ ا) مورو جي ڳوٺ الهداد عالماڻي ۾ شادي ڪندڙ گهوٽ شعبان عالماڻي ۽ سندس ڪنوار خاندان ۽ وڪيل گلزار احمد عالماڻي سان گڏ سنڌو درياءَ دادو مورو پل تي پهچي درياءَ کي ڀيٽا پيش ڪئي، ۽ درياءَ جي وهڪرن جي بحالي ۽ ڪئنالن جي خاتمي جي دعا گهري، ان موقعي تي گهوٽ چيو ته نڪاح ۾ سنڌو درياءَ جي سلامتي لاءِ دعا گهري ۽ لانئون لهڻ بعد دادو مورو پل پهچي دعا گهري آهي، اسان ڪئنالن جي مخالفت ڪريون ٿا، اھي ھرگز قبول ناھن، گلزار عالماڻي چيو ته سنڌ جي سر زمين سرسبز شاداب رھي آھي، جنھن ٻين صوبن کي فائدو ڏنو آھي ۽ ھڪ وڏي صنعتي پيداوار ۾ سرشار رھي آھي، جيڪڏھن ان سنڌ کي سڪايو ويو ته سنڌ جا ماڻھو ڪنگال ٿي ويندا.