ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف شاگرد به روڊن تي نڪري آيا، ڪراچي جي مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن ٽاڪ منجهند جو سخت گرمي ۾ ٽي تلوار کان پريس ڪلب چوڪ تائين ريلي ڪڍي گورنر هائوس آڏ ڌرڻو هنيو، ريلي کي سي ايم ھائوس ويجھو روڪيو ويو پر بعد ۾ کين اڳتي وڌڻ جي اجازت ڏني، ڌرڻي ۾ سوين شاگرد. وڪيل پ پ (شھيد ڀٽو) جو اڳواڻ ذوالفقار جونيئر ، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ صدف ٿلھو شريڪ ٿيا، ڌرڻي کي شاگرد اڳواڻن شهنشاهه شر، منير کوکر، پرويز چانڊيو ، علي غلام، جي ايم سرڪي، وسيم جمالي، غلام مرتضي جاگيراڻي، ڪليم شر ، رضوانا، ثمن لطف،۽ خطاب ڪندي چيو ته سنڌو تي ڪئنالن جي اڏاوت سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي، اھو فيصلو واپس ٿيڻ تائين احتجاج جاري رھندو.