ٺل(ن پ ا) ٺل ۾ سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جي يو آءِ اڳواڻ جو ٻارن سان گڏجي ڪفن پائي انوکو احتجاج، مولوي مير حسن ٻرڙو پاران معصوم ٻارڙن سان گڏجي علامتي ڪفن پائي احتجاجي ڪيو، مولوي مير حسن ٻرڙو ٻڌايو ته سنڌو تي ڪئنال اڏڻ وارو فيصلو سنڌ جي حقن تي ڌاڙو آهي، جيڪڏهن سنڌو تي ڪئنال اڏيا ويا ته سنڌ سڪي ويندي ۽ سنڌي ماڻهو توڙي جانور پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپندا رهندا،هن چيو ته پنهنجي حقن خاطر پنهنجي جان ته قربان ڪري سگهون ٿا.