ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ ۾ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ خلاف جساف آريسر گروپ طرفان عيد رات ميھڙ جي دعا چوڪ وٽ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪرڻ بعد ميڻ بتيون ٻاري شھر جو گشت ڪيو. ڪارڪنڻ سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف زوردار نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن طارق جھتيال ، رحمان پنھور ،صالح جمالي ، علي رضا بروھي ،امجد جھتيال ، احمد شاڪر ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جو پاڻي سالن کان زبردستي کنيو پيو وڃي ھاڻي وري ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي ھنن چيو ته پ پ پ اقتدار خاطر سنڌ جو سودو ڪري رھي آھي پھرين ٻيٽ ، وري ڪارونجھر ۽ ھاڻي سنڌ جون زمينون وڪرو پيا ڪن ھنن چيو ته حڪمران انڌا ٿي ويا آھن جو ھنن کي سنڌي ماڻھن جو احتجاج نظر نه ٿو اچي اسين. ھي انوکو احتجاج ڪري حڪمرانن کي ٻڌايون ٿا ته سنڌي ماڻھو سنڌو مان درياء ڪڍڻ نه ڏيندا ھنن گھر ڪئي آھي ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو