ڪراچي(نمائندن وٽان ) سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنالن ڪڍڻ خلاف جسقم طرفان مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جيڪب آباد ۾ جسقم پاران نظير احمد کوسو، مير باغي، حفيظ سنڌي، غلام رسول دراوڙ جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.  دوڙ ۾ جي صدر طاھر زرداري، راشد بروهي ۽ عبدالغفار خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ روھڙي ڪئنال کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب جمال شاھه اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ٺري ميرواھه ۾ جسقم پاران مرڪزي وائيس چيئرمين امجد علي مھيسر راجا الطاف حسين شر عاشق حسين چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف ناڪا چوڪ کان ريلي ڪڍي  ٺري ميرواھه فاضل راھو چوڪ تي مظاھرو ڪيو ويو ،گمبٽ ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران غلام فريد خاصخيلي، سڪندر چانڊيو، آصف لاکائي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،راڻيپور ۾جساف پاران زبير سھتو علي امداد لاڙڪ ، اسد سھتو مھتاب سھتو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ڪنهن به صورت ۾ ڌاڙو قبول ناهي.