قمبر(رپورٽر) قمبر ۾ سماجي تنظيم يوٿ فورم جي سڏ تي سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڪرڪيٽ گرائونڊ کان سوين ماڻهن احتجاجي ريلي ڪڍي شهداءِ چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو، ڌرڻو جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو، ان موقعي تي يوٿ فورم اڳواڻن بخت ڀٽو، مھتاب شيخ، لطيف گوپانگ، علي محمد کوسو، اياز چانڊيو، حفيظ هڪڙو، شوڪت چانڊيو، رياض لاکو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته وفاقي سرڪار پنجاب سان ملي ڀڳت ڪري سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي پنهنجون بنجر زمينون آباد ڪري سنڌ کي ريگستان بڻائڻ جي سازش ڪئي آهي، پاڻي اسان جو جياپو ۽ درياءَ سنڌ جي سڃاڻپ آهي، اهڙي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، پاڻي اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي،اڳواڻن چيو ته رت جي آخري ڦڙي تائين جدوجهد جاري رهندي، اهڙي سنڌ دشمن سازش کي ناڪام بڻائينداسين، وفاق پنهنجو فيصلو واپس وٺي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو، ان موقعي تي نوجوان شاعر عامر تنيو درياءَ تي شاعري ٻڌائي سنڌي ماڻهن جي خيالن ۽ جذبن جي عڪاسي ڪئي.