شھدادڪوٽ(رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ بھرام جي رهواسي گڏھ گاڏو هلائيندڙ فقير عبدالفتاح تڪرار ڪئنالن خلاف گڏھ گاڏي تي لائوڊ ھڻائي لائوڊن تي سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور جا ھوڪا ڏئي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان موقعي تي فقير عبدالفتاح جو چوڻ هو ته ڪنھن به صورت ۾ سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال قبول ناھن، ڪئنال ٺھڻ سان سنڌ جو زمينون غيرآباد ٿي وينديون، فوري طور تي تڪراري ڪئنالن وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.