راڻيپور (ن پ ا) جيئي سنڌ قومي محاذ بشير خان قريشي مرڪز پاران حضرت سچل سرمست جي اڱڻ تي سچل سرمست سماع هال ۾ سنڌو دريا مٿان 6 ڪئنالن جي اڏاوت نامنظور جي عنوان ھيٺ قومي ڪٺ ڪانفرنس منقعد ڪئي وئي، جنهن ۾ قومپرستن، اديبن، شاعرن، شاگردن، وڪيلن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪينالن جي جدوجھد تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو، سرفراز ميمڻ، فقير امداد منگي، پنھل ساريو. عبدالحنان عباسي، اڪبر مڪول، ڪرم سامٽيو، مجيب ڀيلار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مٿان ڪئنال ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھن، سنڌ جا ماڻهو سنڌو تي ڪئنال ٺاھڻ خلاف آهن، جيڪي ڪڏهن به پنهنجي ساهه جي رڳ کي بند ڪرڻ نه ڏيندا، ان موقعي تي جسقم بشير خان قريشي گروپ اڳواڻن چيو ته 6 اپريل تي لاڙڪاڻي ۾ شھيد بشير خان قريشي جي جدوجھد بابت سيمينار ۽ ھر شھر ۾ ڪئمپ قائم ڪري بشير خان جو وڊيو آڊيو ھلائي پيغام پھچايو ويندو، 10 اپريل تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان 10 ڏينهن بک هڙتال ڪئي ويندي، 13 اپريل تي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ بک هڙتالون ڪيون وينديون، 16 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ريليون ۽ مظاهرا ڪرڻ کان پوءِ 20 اپريل تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڪئنال اڏڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، راڳ رنگ جي محفل ۾ صوفي سنگ سلامت سھراب فقير پنھنجي سنگ سان گڏجي ڪلام ڳائي وجد طاري ڪري ڇڏيو.