ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ريڊيو، اسٽيج ۽ ٽي وي جي سنڌي فنڪارن سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڪئنالن خلاف ڪالهه پريس ڪلب آڏو نٽهڻ اُس ۾ مظاهرو ڪيو، احتجاج ۾اداڪارا نسرين ناز، نجمه ڪاوش، زارا چانڊيو، فضا ملڪ، عصمه علي، عاليه چنا، گلوڪار منير مهر، ڪامران سولنگي، اداڪار اعظم شيخ، اڪرم شيخ، نور ارب سولنگي، رسول بخش ڏاهري، مصطفيٰ عباسي، جاويد ٽاڪاڻي، الغوزه نواز اڪبر خميسو خان ۽ ٻيا شامل ٿيا، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌي هاڻي سجاڳ ٿي چُڪا آهن، 6 ڪئنال ته پري رهيا سنڌو جو پاڻيءَ جو ڦڙو به چوري ڪرڻ نه ڏنو ويندو. اُن موقعي تي گلوڪار منير مهر ۽ ڪامران سولنگي ”مرويسون سنڌ نه ڏيسون“ ۽ ”سنڌ به رهندي سنڌي رهندا“ گيت ڳائي ڪئنالن خلاف احتجاج ڪيو.