ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ  پاران ڪراچي پريس ڪلب سامهون تڪراري ڪينالن خلاف 20هين اپريل تائين ڏهن ڏينهن جي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي بک هڙتال جي اڳواڻي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڪري رهيو آهي جڏهن ته بک هڙتال تي پنهل ساريو ۽ ٻيا اڳواڻ ويٺل آھن  بک هڙتال تي ويٺل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪينالن جو منصوبو سنڌ جو جياپو ختم ڪرڻ برابر آهي ڪنهن به صورت ۾ سنڌو دريا تي ڪينال ٺهڻ نه ڏنا ويندا