ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جسقم پاران سنڌو درياءَ مان نوان 6 ڪئنال ڪڍڻ، ڪاپوريٽ فارمنگ لاءِ  سنڌ جون زمينون ڏيڻ  خلاف شروع ڪيل  10 ڏينهن واري بُک هڙتال ٻئي ڏينهن  به  جاري رھي، جنهن ۾  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، پنهل ساريو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن حصو ورتو بک ھڙتال تي ويٺل ڪارڪنن جي بلڊ پريشر ۽ شگر جي ٽيسٽ  پڻ ڪرائي وئي !بک هڙتالي ڪيمپ تي  ڪراچي بار جي وڪيلن جو وفد  رشيد راڄڙ،شمس چانڊيو  جي اڳواڻي ۾ پهتو، ناليوارو ليکڪ  انعام شيخ، سهيل ميمڻ پڻ يڪجهتي طور شريڪ ٿيا، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ڪنهن به صورت ۾ سنڌو مٿان ڪئنال قبول نه ڪنداسين.