واشنگٽن(م ڊ) سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم آمريڪا يونٽ جي سڏ تي آمريڪا جي رياست ورجينيا a۾ جسقم اڳواڻ حبيب ڀٽو ۽ يوٿ ايڪشن ڪميٽي چيئرمين سنڌو نواز گھانگھرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي، آنريڪا م اڄ عيد نماز پڙھڻ بعد سنڌين پاران ھٿن ۾ مختلف نعرا لکيل پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي ڪئنالن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. احتجاجي ريلي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن پڻ سنڌ جو ثقافتي ويس پھري شرڪت ڪئي، ان موقعي تي حبيب ڀٽو، سنڌو نواز گھانگھرو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياء تي ڌاڙو ڪنھن صورت برداشت نه ڪيو ويندو، پيپلز پارٽي سنڌ واسين سان منافقي وارو ڪردار ادا ڪندي سنڌو درياء مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي صحيح ڪري سنڌ واسين جي ڊيٿ وارنٽ تي صحيح ڪئي آھي، ھنن جو چوڻ ھو تہ سنڌو درياء مان ڪئنال ڪڍڻ سان نه فقط زمينون بنجر بڻجي وينديون بلڪه چوپايو مال به پاڻي ۽ گاھ نه ملڻ سبب بک وگھي مري ويندو، سنڌ ۾ ايٿوپيا جيان سوڪھڙو ٿي ويندو، ھنن چيو ته سنڌو درياء سنڌ واسين جي ريڊ لائين آھي جنھن تي ڪنھن بي قسم جي سوديبازي قبول نه ھوندي، جيڪڏھن فوري طور اھو منصوبو ختم نه ڪيو ويو تہ عالمي سطح تي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.