ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان رڳو سنڌو نه، ڪنهن به درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين، اسان ڪنهن جي خلاف نه آهيون، احتجاج ڪندڙن سان به گڏ آهيون پر اها سڄي سازش پيپلزپارٽي خلاف آهي، هو ته چاهين ٿا فري هينڊ ملي وڃي ته جيئن وڻي تيئن ڪن، بليڪ ميل ٿي تڪڙ ۾ حڪومت ڊاهي ته ڪير اچي ويندو؟ ڇا ملڪ نئين سر چونڊن جي سٽ سهي سگهندو؟ ماڻهن کي ٻڌايو ته اپوزيشن اها ئي سازش ڪري رهي آهي، ٺٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته ڪئنالن جو معاملو جمهوري طريقي سان حل نه ٿيو ته وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ ۾ هڪ منٽ به نه لڳندو، حڪومت اسان جي ڳالهه مڃي آهي ۽ ڪئنالن تي ڪم نه پيو ٿئي، پاڻي تي سڀ کان وڌيڪ پڇڙي وارن جو حق آهي، هن چيو ته بين الاقوامي اصولن موجب هيٺاهين ۾ رهندڙ ماڻهن کي درياءَ جي پاڻي تي حق آهي، تنهن ڪري پاڻي تي حق سڀ کان وڌيڪ سنڌ جو آھي، ٺٽي ۽ سجاول جو آهي، جنهن جي ڪري هن پنهنجو پروگرام به هتان کان شروع ڪيو آهي، درياهه اسان جو آهي ۽ اسان ان جو پاڻي ڪنهن کي به نه ڏينداسين، پاڻي تي سياست ڪري پيپلز پارٽي کي بدنام ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌو درياءَ تي ڪينالن جي خلاف آهي هن چيو ته چولستان ۽ چوبارا ڪينال منصوبي جي فزيبلٽي 2018 ۾ تيار ڪئي وئي هئي ۽ هنن جي 2018 کان 2023 تائين سنڌ حڪومت هڪ انچ به ڪم ڪرڻ نه ڏنو هن چيو ته نگران حڪومت دوران پنجاب حڪومت 17 جنوري تي ارسا جي اجلاس ۾ تجويز پيش ڪئي ۽ اسان ان تي يقين نٿا ڪريون پر ارسا موجب 27 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿئي ٿو پوءِ هنن چيو ته 7 ملين ايڪڙ فوٽ ٻوڏ جو پاڻي آهي، جنهن مان 37 سيڪڙو 1991 جي پاڻي معاهدي تحت پنجاب جو آهي، ان تي واهه ٺاهيا ويندا، هن چيو ته ارسا پڙهڻ کانسواءِ ان جي منظور ڏي ٿي ۽ ان وقت پيپلز پارٽي حڪومت پاران ارسا ۾ مقرر سنڌ جي نمائندي سخت اعتراض ڪيو هيو ۽ 16 جون تي سنڌ حڪومت سي سي آءِ ۾ ڪينالن خلاف هڪ ريفرنس موڪليو هن چيو ته صدر کي ڪنهن به منصوبي جي منظوري يا رد ڪرڻ جو اختيار ناهي صدر آصف زرداري کين چيو توھان صوبن سان ڳالهايو جڏهن ته زرداري مون کي آگسٽ يا سيپٽمبر ۾ گهرايو ۽ بريفنگ ورتي هن چيو ته اسان منصوبي کي سي سي آءِ ۾ چئلينج ڪيو آهي ۽ ايڪنڪ اجلاس گهرائڻ لاءِ مون ڊپٽي وزيراعظم کي خط لکيو ۽ کيس چيو ته هن منصوبي کي اڳتي نه وڌايو هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو زنده آهن ۽ اسان ڪينال ٺاهڻ نه ڏينداسين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪينالن جي تعمير ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي حقن لاءِ ديوار وانگر بيٺي آهي، هن چيو ته اسان جا مخالف چون ٿا ته اسان حڪومت ڇو نه ٿا ڇڏيون اهي ۽ چاهين ٿا ته پيپلز پارٽي کي عوام کان پري ڪريون جيڪا انهن جي سازش آهي هن سوال ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان تڪڙ ۾ غلط فيصلو ڪريون ۽ حڪومت کي ڪيرايون پوءِ ڪير ايندو؟ ڇا چونڊون ٿينديون؟ ڇا اسان جو ملڪ چونڊن جو متحمل آھي، هن چيو ته اسان جي مخالفن جي سازش آهي ته انهن کي فري ھينڊ ملي ۽ هن ملڪ سان جيڪو به چاهين ڪن هن چيو ته صدر آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي ڪوبه سنڌ مخالف منصوبو ٺاھڻ نه ڏيندي جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو 4 اپريل تي وزيراعظم کي چيو ته جيڪڏهن هي منصوبو ختم نه ڪيو ويو ته مان پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيٺو ھوندس ۽ توهان جي حمايت نه ڪندس ۽ صدر زرداري گڏيل پارليامينٽ ۾ چيو ھو ته انهن ڪينالن جي حمايت نٿو ڪريان هن چيو ته اسان جا مخالف صرف سنڌو درياءَ جي ڳالهه ڪن ٿا پر هو چوي ٿو ته هي سڀ درياءَ اسان جا آهن انهن تي ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين هن واضع ڪندي چيو ته پوري دنيا ۾ ڪو به ماڻهو ثابت ڪري ته 27 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڊيلٽا ۾ وڃي ٿو ته پوءِ اسان قصور وار آهيون جڏهن ته ڊيلٽا ۾ ڪيترائي سال اهڙا هوندا جڏهن پاڻي جو هڪ ڦڙو به سمنڊ تائين نه پهچندو آهي، ڊيلٽا جي ويجهو رهندڙن کي ماريندا ڇا؟ انهن کي مرڻ تي مجبور ڪري ته ڇڏيو آهي هن چيو ته واهن جي معاملي تي سازش ڪري عوام کي گمراهه ڪري پيپلز پارٽي کي بدنام ڪيو پيو وڃي هن چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ لاءِ شھادتون ڏنيون آھن پر پنهنجي ماڻهن کي نه ڇڏيو آهي جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي طاقت سان سنڌ مخالف منصوبن تي عمل درآمد نه ٿيڻ ڏيندي هن چيو ته دريائن جا مالڪ توهان سڀ آهيو جيڪي انهن مان پاڻي پيئندا آهيو، هن وڌيڪ چيو ته گذريل سال ڪا به نئين اسڪيم شروع نه ڪئي وئي پر هن سال هر ضلعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ارب رپين جون نيون اسڪيمون ڏئي رھيا آھيون ۽ هڪ ڪميٽي ٺاهينداسين، جيڪا اسڪيمن لاءِ تجويزون سڌو سنئون ڪارڪنن کان ننڍيون اسڪيمون وٺندي ۽ ٻي ڪميٽي تعلقي ۽ ضلعي سطح جون اسڪيمون وٺندي ۽ ڪارڪنن جي تجويزن تي هڪ ارب رپين جون اسڪيمون ڏنيون وينديون، اسڪيمن ٺاهڻ ۾ ڊپٽي ڪمشنر مدد ڪندا جنهن لاءِ ٺٽي ۽ سجاول کي 15 ڏينهن ڏنا پيا وڃن ته ھو پنھنجا منصوبن ڏين، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پيپلز پارٽي ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي سڏايل اجلاس ۽ محسن هائوس ٺٽي ۾ منعقد ڪيل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت توھان جي آهي ۽ اسان توهان وٽ آيا آهيون سنڌ جي ماڻهن هميشه پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي توهان پارٽي جي طاقت آهيو ۽ پارٽي توهان جي طاقت آهي جنهن ڪري پ پ توهان جو ڀرپور خيال رکي رهي آهي، هن چيو ته ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ سائيڪلون آيو تڏهن ڪنهن به متاثرين لاءِ گهر نه ٺاهيا، پر پارٽي چيئرمين جي حڪم تي، متاثرين لاءِ 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهن ۽ انهن گھرن جا مالڪانا حق به ڏئي رهيا آهيون، هن چيو ته پاڻي جو مسئلو سڄي صوبي ۾ آهي پر ٺٽو ۽ سجاول پوڇڙ ۾ هجڻ ڪري پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ هاءِ ويز ٺاھيا، نه ٺهيا ته صرف سکر، حيدرآباد هاءِ وي نه ٺهيو سکر- حيدرآباد موٽر وي صرف سنڌ جو منصوبو ناهي پر سڄي پاڪستان جو منصوبو آهي ۽ هو جيڪا ڳالهه ڪندو آھي ثبوتن سان ڪندو آهي ۽ انهن وٽ ڪو به جواب ناهي ھوندو، هن چيو ته منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي معاف نه ڪيو ويندو جڏهن ته هن اهو به چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ جلسو ڪري رهيو آهي، جنهن ۾سڀني ماڻهن کي شرڪت جي دعوت آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پنهنجي تقرير دوران جذباتي انداز ۾ ڪئنال سمورا نامنظور جا زوردار نعرا پڻ هنيا، جڏهن ته ان موقعي تي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري، قومي اسيمبلي ميمبر صادق علي ميمڻ، صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته ورڪرز اجلاس ۾ صوبائي وزير سيد رياض شاهه شيرازي ، ٺٽي جي اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت شاهه شيرازي ، اعجاز ڌامراھ ، ايم پي اي شاهه حسين شاهه شيرازي، ايم پي اي سيد رخسانه شاهه بخاري ، ايم پي اي ريحانه لغاري ، ايم پي اي هير سوهو ، ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي اڳوڻي چيئرمين غلام قادر پليجو، ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنهور، ارباب وزير ميمڻ ۽ ٻين چونڊيل نمائندن، پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.