ٺري ميرواهه (ن پ ا) ٺري ميرواهه ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ ڏوهه بڻجي ويو، 62 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، خبر موجب ٻه ڏينھن اڳ ٺري ميرواھ ۾ اسٽوڊنٽ رائيٽ ڪائونسل پاران تڪراري ڪئنالن خلاف 10 ڪلوميٽر مارچ ڪري سوئي گيس مھراڻ ھاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو هو، جنهن جو ٺري ميرواهه ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ 62 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي امير بخش منگي، پي ٽي آءِ جي علي مردان شر، حاجن، گل شر، آصف شر، شرجيل شر، نسيم اعجاز شر، وقار جوڳي، لالڻ ويسر، وسيم حيدر شر، عمران شر ۽ ايڪوسائونڊ مالڪ وحيد سيال سميت 17 سڃاتل ۽ 45 اڻ سڃاتلن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ رڪاٽون رکي روڊ بلاڪ ڪرڻ، پوليس اھلڪارن کي ڌڪا ڏيڻ، عام ماڻھن ۾ خوف پکيڙيڻ جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن، ھوڏانھن اسٽوڊنٽ رائيٽ ڪائونسل اڳواڻ آصف شر ۽ ٻين پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ڪئنالن خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ تي ڪيس داخل ٿيڻ تي اسان فخر محسوس ٿا ڪيون، سرڪار ڪئنال منصوبي خلاف احتجاج ڪندڙن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري عام ماڻھن ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ کان روڪڻ جي سازش ڪري رهي آهي، هنن چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪئنال منصوبي جي خاتمي تائين اسان جي پرامن جدوجھد جاري رھندي.