حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ايس ٽي پي پاران نون ڪئنالن واري منصوبن خلاف 10 اپريل 2025ع کان 5 مئي تائين سنڌ جي ھر ضلعي ۾ مک روڊن تي ھڪ ھڪ ڏينھن جا وڏا عوامي احتجاجي ڌرڻا هڻي اچ وڃ جا مک روڊ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل شيڊول ۾ چيو ويو آھي ته، 10 اپريل تي ضلع ٽنڊو محمد خان،11 اپريل تي، ضلع جيڪب آباد 12 اپريل تي،  گھوٽڪي13 تي ضلع ملير ۾ ڪراچي، ٺٽو   روڊ کي ڌرڻو هڻي بند ڪيو ويندو، 14 اپريل تي  نوابشاھه، قاضي احمد ۾ نيشنل ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيوض ويندو ،  15 اپريل، تي بدين،16 اپريل، دادو 17 اپريل تي، ضلع سجاول ،18 اپريل تي لاڙڪاڻو ، 19 اپريل ،تي ڪشمور ڪنڌڪوٽ، 20 اپريل، تي سانگهڙ 21 اپريل تي، ڪراچي ڊويزن، سپرھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيون ويندو، 22 اپريل، تي عمرڪوٽ،23اپريل تي، قمبر شھدادڪوٽ،24 اپريل ، تي ميرپورخاص  25 تي  مٽياري نيشنل ھاءِ وي،26 تي مٺي ٿرپارڪر ،27 تي شڪارپور،  28 تي سکر ، تي ڄامشورو ، 30 تي ، خيرپور نيشنل ھاءِ وي، 1 مئي تي  ، پورھيتن جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاجي ڏينهن طور ملهايو ويندو، سڄي سنڌ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون، 2  مئي تي  نوشهروفيروز ، 3  مئي تي ٽنڊو الهيار ، 4 تي  ٺٽو حيدرآباد ٺٽو روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويندو.