پشاور(م ڊ) ڪي پي حڪومت جي ترجمان بئريسٽر سيف چيو آهي ته ڪئنالن جو معاملو سڀ کان پهريان پي ٽي آءِ اٿاريو هو، پيپلزپارٽي ڪئنالن جي معاملي تي رڳو ووٽ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي احتجاج جو ڊرامو ڪري رهي آهي، ڪئنالن جي منظوري صدر ڏني آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلي رهي آهي انهن کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ پ پ وارا به هاڻي جاڳي پيا آهن ۽ اهي عوام جي ڪاوڙ گهٽ ڪرڻ لاءِ احتجاج پيا ڪن.