حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو آهي ته وزير اعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات ۾ ڪئنالن واري معاملي کي سي سي آئي ۾ کڻي وڃڻ سنڌ جي عوام سان سراسر دوکو ڪرڻ آهي.سنڌ جي عوام جي شديد احتجاج جي باوجود نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت پنهنجي هوڏ تان لهڻ لاءِ تيار نه آهي سي سي آئي ۾ اڪثريت پنجاب جي آهي، تنهن ڪري سي سي آئي پنهنجو وقار وڃائي چڪو آهي.آدمشماري ۾ سي سي آئي غلط فيصلو ڪري سنڌ جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي. سنڌ جو ڪوبه فرد سي سي آئي تي اعتبار نه ڪندو. سي سي آئي جا سمورا فيصلا رد ۽ باطل آهن. سي سي آئي جي برابر جي بنيادن تي ٻيهر جوڙ جڪ ڪئي وڃي.وزير اعظم کي اختيار آهي ته هو تڪراري منصوبا رد ڪري سگهي ٿو پر شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات ۾ ائين نه ڪيو ويو. سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي جي قيادت کي ڪو اختيار نه ڏنو آهي ته اها سنڌ جي عوام جي قسمت جا فيصلا ڪري. ڪئنالن سميت ڪارپوريٽ فارمنگ، انويسٽمينٽ بورڊ ايڪٽ 2023ع پيڪا ايڪٽ ۽ 26 هين آئيني ترميم جهڙا ملڪ ۽ سنڌ دشمن ڪارا قانون واپس وتا وڃن،ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، انويسٽمينٽ بورڊ 2023ع پيڪا ايڪٽ ۽ 26 هين آئيني ترميم جهڙن ڪارن قانون خلاف سنڌ جي عوام جي جدوجهد جاري رهندي. وسند ٿري چيو آهي ته اڄ ٻٻرلو ڌرڻي ۾ مون سميت عوامي تحريڪ جي مرڪزي قيادت ۽ سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪنديون.