اسلام آباد: سي سي آءِ اجلاس بعد بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته سي سي آءِ ۾ طئه ٿيو ته ڪئنالن جو معاملو ڪنهن ٻئي وقت طئه ڪيو ويندو، فيصلو ٿيو ته ڪئنال معاملي تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويندو، خواجه آصف چيو ته ڪئنالن جو مسئلو جڏهن به حل ٿيندو 100 سيڪڙو اتفاق راءِ سان حل ٿيندو، صوبن ۾ اتفاق راءِ کانسواءِ ڪو به ڪئنال نه ٺاهيو ويندو، وفاقي وزير چيو ته احتجاج ڪندڙن جا مطالبا غير مشروط طور مڃي ورتا آهن، سنڌ سرڪار کي گذارش ڪئي آهي ته هاڻي رستا ڪليئر ڪرايا وڃن.