اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان بار ڪائونسل پاران ڪئنالن جي معاملي جي پرامن حل تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. بار ڪائونسل معاملي کي آئيني فورم تي وٺي وڃڻ کي سٺو عمل قرار ڏيندي سڀني اسٽيڪ هولڊرن کان احتجاج ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. پاڪستان بار ڪائونسل جي وائس چيئرمين چوڌري طاهر نصرالله وڙائچ ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي چيئرمين محمد ياسين آزاد پنهنجي گڏيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ساراهه ڪندي چيو ته ڪئنالن واري مسئلي کي سياسي اتفاق راءِ سان حل ڪرڻ قابل تحسين قدم آهي، معاملو سي سي آءِ ۾ آندو ويو اهو سٺو عمل آهي، بار ڪائونسل سڀني بار ايسوسيئيشنز، سول سوسائٽي ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته مسئلي جي حل بعد جاري احتجاج فوري طور ختم ڪيا وڃن. بار ڪائونسل جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته احتجاج جاري رهڻ جي صورت ۾ نه رڳو جمهوري عمل متاثر ٿيندو پر عوام جي روزاني زندگي ۽ قومي معيشت تي به منفي اثر پوندو، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ حساس سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي.