حيدرآباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي جي انت واري عدالت ماتلي جي صحافي اشرف چانڊيو سميت 8 ڄڻن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آھي، ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ تي منشيات ۽ دهشت گردي جي ڪيسن ۾ ڦاسايل صحافي اشرف چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ سميت 8 ڄڻن کي اي ٽي سي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، اشرف چانڊيو ۽ ٻين جي قانوني پيروي ڪرڻ لاءِ وڏي انگ ۾ وڪيل عدالت پهتا. وڪيل ھاءِ ڪورٽ بار جو جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ايڊووڪيٽ نويد جروار، ايڊووڪيٽ اندر جيت لوهاڻي اشرف چانڊيو ۽ ٻين جي ضمانت لاءِ عدالت ۾ درخواست به داخل ڪئي، ڪيس جي پيروي لاءِ ايڊووڪيٽ خليل انڙ، ايڊووڪيٽ مسرور شاھه، ايڊووڪيٽ مظھر ميمڻ سميت 12 ڄڻن کان وڌيڪ وڪيلن پنهنجا وڪالت ناما جمع ڪرائي ڇڏيا. عدالت اشرف چانڊيو سميت 6 ڄڻن جو طبي معائنو ڪرائڻ جو حڪم به ڏنو صحافين ۽ وڪيلن جو وڏو انگ به عدالت ٻاهران پهتو، ڪورٽ ٻاهران احتجاج ۽ نعريبازي به ڪئي وئي، وڪيلن ميڊيا کي ٻڌايو ته صحافي اشرف چانڊيو کي ٻٻرلوءِ وڃڻ ۽ ماتلي ۾ ڪئنالن خلاف هڙتال ڪرائڻ جي ڪري گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بنايو ويو، عدالت ۾ جوابدار ڄاڻايلن جي ضمانت لاءِ درخواست تي سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي.