ھوسٽن(م ڊ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي آمريڪا جي شهر هوسٽن ۾ شاھه لطيف ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڏڪار جي صورتحال آهي، سنڌ کي سمنڊ جي حوالي ڪيو پيو وڃي نوان ڪينال ٺاھڻ سنڌ جو مستقبل داءُ تي لڳائڻ آهي. سنڌو درياھ جو رستو بند ڪري عوام جي اتحاد سان کيڏڻ نہ گهرجي. هن چيو تہ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌين جي نسل ڪشي جي گھڻ رُخي حڪمت عملي جو سوچيل سمجھيل مرحليوار قدم آهي. سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪري سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائي مارڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي درياءُ مان زبردستي ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌو درياءُ سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندو. هن چيو تہ شاھ لطيف امن، محبت ۽ جدوجهد جو پيغام ڏنو، اسين ان تي قائم آهيون دنيا جي امن پسند ماڻهن کي متحد ڪرڻ جي ضرورت آهي، فڪر لطيف ماڻهن کي متحد ڪري ٿو پاڪستان جي مسئلن جو حل روشن خيالي، احتساب ۽ غيرجانبدار پرڏيهي پاليسي ۾ آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان سڀ گڏجي دنيا ۾ نسل پرستي، تعصب ۽ انتهاپسندي جي مزاحمت ڪنداسين سنڌ جي فڪري قائد شاھ لطيف پورهيت عورتن جي عظمت کي اجاگر ڪيو شاھ لطيف جي شاعري انسان دوستي، محبت ۽ رواداري جو پيغام آهي. هن چيو تہ شاھ لطيف سهڻي جي ذريعي عشق جو درس ڏنو، سسئيءَ ذريعي جدوجهد جو درس ڏنو ماروي جي وطن کان فاصلي جي پيڙا ۽ بيمثال وطن پرستي کي زبان ڏني. هن چيو تہ امن، پيار، انسانيت، اصلاح ۽ اخلاق مشرقي شاعريءَ جو محور آهن شاھ لطيف جي ڌرتي جو حقيقي حسن امن، پيار ۽ ڀائيچارو آهي سنڌ تهذيب جي ماءُ آهي، دنيا کي سنڌو تهذيب تي فخر آهي. هن چيو تہ پاڪستان امن چاهي ٿو ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن سان گڏ هلڻ چاهي ٿو پاڪستان معاشي مسئلن ۽ دهشتگردي جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اسان کي انتهاپسندي کي شڪست ڏئي دنيا سان گڏ هلڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڇا سنڌ کي ڪرپشن، بيروزگاري ۽ لاقانونيت کان پاڪ علائقو بڻايو ويو آهي پاڪستان جي ترقي لاءِ دهشتگردي، تعصب ۽ ڪرپشن جو خاتمو لازمي آهي. ملڪ کي جاگيرداري نظام، انتهاپسندي ۽ وڏيرا شاهي کان آزاد ڪرائڻو پوندو اسان جو تعليمي نصاب جديد، انسان دوست ۽ سائنسي هجڻ گهرجي شاگردن، استادن، انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن کي جديد تحقيق سان گڏ هلڻو پوندو. پرڏيھ ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۾ برابري، تعليم، صحت، ميرٽ ۽ ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪن.