ڪراچي: ايم ڪيو ايم جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪئنال سمورن اسٽيڪ ھولڊرز کي اعتماد ۾ وٺي پوءِ ٺاھيا وڃن، سنڌ پڇڙي تي ھجڻ ڪري انهي جي تحفظات تي غور ڪيو وڃي، ايم ڪيو ايم سنڌ جي مفادن خلاف ڪنهن به ڳالهه جي حمايت نه ڪندي، گورنر ھائوس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته  ڪئنالن واري معاملي تي پ پ سٺي سياست پئي ڪري ٿي، اها پنهنجن ئي فيصلن خلاف احتجاج ڪري پئي، هن چيو ته پاڻي ورڇ انصاف سان ٿيڻ گھرجي، ايم ڪيو ايم سنڌ جي مفاد خلاف ٿيندڙ ھر فيصلي جي خلاف آهي  ۽ رهندي، هن چيو ته  ڪراچي کي آبادي جي لحاظ کان به 37 سيڪڙو پاڻي ملڻ گھرجي پر شهر کي رڳو ھڪ سيڪڙو پاڻي ملي ٿو، هن چيو ته  گورنر ڪجهه ماڻهن لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪيا آھن،  کيس ھٽائڻ وارو پ پ جو مطالبو ننڍڙو آھي، هن چيو ته  شهر کي ڊمپر مافيا ۽ ڦورن حوالي نٿو ڪري سگهجي