قمبر (رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ ڇڄڙا جي سوين ڳوٺاڻن تڪراري ڪئنال رٿا خلاف احتجاجي مشعل بردار ريلي ڪڍي هڪ ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري قمبر_شهدادڪوٽ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو، ڳوٺاڻن بخت ڀٽو، اسد پٺاڻ، جبار ڪنڀر، سليم ڇڄڙو، منور ڀٽو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته پنجاب هڪ سازش تحت سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي پنهنجو ريگستان آباد ڪري سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان جي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي، پاڻي نه هوندو ته پوکائي نه ٿيندي، زمينون بنجر بڻجي وينديون، روزگار جا ذريعا بند ٿي ويندا، بک ۽ بدحالي پيدا ٿيندي، درياءَ ڪروڙين سنڌين جو جياپو آهي،هنن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين.