سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف هارين، آبادگارن ۽ خواجه سرائن طرفان ريلي ڪڍي سکر-شهدادڪوٽ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن سرائي منظور حسين ڏيٿو، اياز لهر، فاروق لهر، عبدالله بروهي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان درياءَ جي پاڻي تي ڪنهن به صورت ۾ ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، پنجاب سرڪار پنهنجي ريگستاني زمين آباد ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جو پاڻي کڻي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي تڪراري ڪئنال منصوبو رد ڪيو وڃي.