نئون ڪوٽ(ن پ ا) ڪئنال رٿا نسل ڪشي جو منصوبو آهي، اچو ته گڏجي جنگ وڙهون، اهڙو اظهار پ پ ايم پي اي ارباب لطف الله نئون ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڦوٽو ڀيل ۾ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي حصي جي جنگ وڙهي رهي آهي، هي وقت هڪ ٻئي تي تنقيد ڪرڻ جو ناهي گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو آهي، هن چيو ته پاڻ جي هڪ ٻئي سان وڙهنداسون ته درياهه تي  لڳندڙ ڌاڙي کي ڪير روڪيندو، اسان جي وڏن چوپائي مال جي حفاظت ڪندي شھادت ماڻي ته سوچيو اسان ايندڙ  نسل ۽ خطي خاطر پاڻي لاءِ ڇو نه وڙهنداسون، سنڌ جي خاطر هڪ ٻئي سان گڏ بيهي ڪئنالن خلاف جنگ وڙهي غليظ ۽ نسل ڪشي جو منصوبو ختم ڪيون،  پيپلزپارٽي ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، ارباب لطف ﷲ وڌيڪ چيو ته هن ملڪ جي  هلائيندڙن کي سوچڻ گهرجي ته اهي ملڪ سان ڇا پيا ڪن، ملڪ جنهن وڻ جي ٽاري تي بيٺل آهي، اها ٽاري وڍين پيا، هن ملڪ کي روشن ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجا قبرستان، سيمون، وڻ  قربان انهي ڪري ڪيا ته ملڪ ترقي ڪري، اسان جي لوڪل ماڻهن کي نوڪري نه ملي اسان تڏهن به خاموش رهياسين، ڪمپرومائيز ڪيو ته ملڪ ترقي ڪري اسان وري به انهن اجهن م خوش آهيون، پر ڪئنال منصوبي خلاف پٺتي نه هٽنداسون. تقريب ۾ سينيٽر پونجو ڀيل، سومرو ڀيل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.