ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪئنال رٿا خلاف احتجاج ڪندڙن تي مختلف شهرن ۾ دهشتگردي جو ڪيس داخل، رپورٽ موجب ميرپوربٺورو ۾ قومپرست تنظيم جي سڏ تي ٿيل ھڙتال ڪرائڻ جو امام بخش خاصخيلي، عنايت چانگ، مظفر زئور، عامر چانگ ۽ پيپلز پارٽي جي يوسي شاهه محمد شاهه جي انفارميشن سيڪريٽري وقار چانگ مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پ پ اڳواڻ وقار چانگ چيو آھي ته ڪالهوڪي ھڙتال سان منھنجو ڪو به تعلق ناهي. مون کي بنا جواز ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، هوڏانهن دولتپور ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندڙن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، دولتپور ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي 25 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، هڪ ڏينهن اڳ ڪئنال رٿا خلاف ڌرڻو هنيو ويو هو، ڪيس ۾ نعيم، منصور ڏاھري، فراز لغاري سميت ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو، ٻي طرف سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پر امن احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، سرڪار آواز دٻائڻ چاهي ٿي، ڪنهن به صورت ۾ تڪراري ڪئنال قبول نه ڪيا ويندا.