وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب ٽي پي لنڪ ڪئنال کولي پنهنجو ڪيس پاڻ خراب ڪري رهيو آهي، ڪئنال رٿا ختم ڪرڻ جي اعلان تائين سُک سان نه ويهنداسين، ڪئنال رٿا خلاف اسان جو احتجاج جاري رهندو، تڪراري تونسا پنجند ڪئنال کولڻ تي سنڌ کي اعتراض آهي، اسان لکت ۾ اعتراض واري چُڪا آهيون، سنڌ ۾ 50 سيڪڙو پاڻي کوٽ آهي، اهڙي صورتحال ۾ ٽي پي لنڪ ڪئنال نه کولڻ گهرجي، ڪئنالن خلاف اسان جو ڪيس مضبوط آهي