محرابپور(ن پ ا) سنڌو تي نوان ڪئنال قبول ناهن، ڇاڪاڻ ته سنڌو دريا سنڌ جي ڪرنگھي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، سنڌ جو عوام هاڻي سجاڳ ٿي چڪو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل پيپلز پارٽي جي سربراھ غلام مرتضي جتوئي لوڌي هائوس محرابپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌو دريا قديم تهذيب جو اهڃاڻ آهي، ماضي جي تجربي موجب جنهن تحريڪ ۾ وڪيل ۽ شاگرد رهيا آهن، ان تحريڪ ضرور سوڀ ماڻي آهي، دير يا سوير هي تحريڪ پڻ ضرور ڪاميابي ماڻيندي، تڪراري ڪئنالن واري معامري تي جي ڊي اي سان گڏجي شروع کان وٺي مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهيون، وڪيل به بهتر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جن سان پڻ يڪجهتي طور شامل ٿياسين، پهريون ڀيرو سنڌ جو ايترو عوام رستن تي نڪتو آهي، هن اهو پڻ چيو ته هاڻي انهن تڪراري ڪئنالن کي ڪوبه ٺاهي نه سگهندو، تڪراري ڪئنالن واري انهي سنڌ دشمن منصوبي کي مڪمل طور تي رد ڪرائڻ تائين جدوجهد جاري رهندي، ان موقعي تي اين پي پي جو مرڪزي وائيس چيئرمين فاروق احمد لوڌي، مرڪزي صدر مسرور احمد جتوئي، سابق ايم پي اي ڊاڪٽر سيد احمد علي شاھ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ وڏي تعداد ۾ موجود هئا.