اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس 2 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس جي صدارت ڪندو، اهم وفاقي ۽ صوبائي اختيارين کي دعوت ناما جاري ڪيا ويا. هي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 52 هون اجلاس ٿيندو، جنهن جو نوٽيفڪيشن ڪائونسل سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سان گڏ 24 اهم عملدارن کي خاص دعوت تي گهرايو ويو آهي جيڪي مبصر طور شرڪت ڪندا. 7 وزيرن، 4 چيف سيڪريٽرين، 10 وفاقي سيڪريٽرين، چيئرمين نيپرا، چيئرمين ارسا کي خصوصي دعوت ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم ڪائونسل جي چيئرمين طور اجلاس جي صدارت ڪندو، وفاقي ميمبر طور 3 وفاقي وزير، صوبن جي ميمبر طور چارئي وڏا وزير به اجلاس ۾ شرڪندا ڪندا. اجلاس سڏائڻ جو فيصلو وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي تازي ملاقات دوران ڪيو ويو.