ڪئنال دفن نه ٿيا ته شهباز سرڪار کي خدا حافظ چئبو: ڌرڻا هڻو پر روڊ کوليو: سنڌ سرڪار

0
26
ڪئنال دفن نه ٿيا ته شهباز سرڪار کي خدا حافظ چئبو: ڌرڻا هڻو پر روڊ کوليو: سنڌ سرڪار
ڪئنال دفن نه ٿيا ته شهباز سرڪار کي خدا حافظ چئبو: ڌرڻا هڻو پر روڊ کوليو: سنڌ سرڪار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ تڪراري ڪئنالن وارو معاملو حل ٿي چڪو آهي، 2 مئي تي سي سي آءِ اجلاس کانپوءِ اهو معاملو هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسان سمورين سياسي پارٽين ۽ وڪيلن کي اپيل ڪريون ٿا ته هاڻي سمورا روڊ کولي گڊز ٽرانسپورٽ کي منزل طرف روانو ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ مالي نقصان نه ٿئي. هن چيو ته روڊ بند هجڻ ڪري عوام، ڍورن ، امپورٽ ايڪسپورٽ ۽ هارين توڙي غريب ماڻهن کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڌرڻا مڪمل ختم ڪيا وڃن ته بهتر آهي جي نه ته به روڊ کولي ڌرڻا جاري رکيا وڃن، جيئن ٽريفڪ رواني متاثر نه ٿئي. هن چيو ته احتجاج کي پرامن دائري ۾ رکيو وڃي ته جيئن عوام جي زندگي معمول تي اچي وڃي. هن چيو ته اسان وڪيلن سميت سمورين سياسي پارٽين سان رابطي ۾ آهيون، سنڌ سرڪار ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. سياسي جماعتون ۽ وڪيل شرپسندن تي نظر رکن. موجوده مُلڪي صورتحال ۾ اسان سڀني کي گڏجي سمجهداري سان فيصلو ڪرڻو پوندو. هوڏانهن ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي پلاننگ ۽ توانائي واري وزير ناصر شاهه چيو ته 2 مئي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اسان جو موقف نه ٻُڌو ويو ته وفاق سرڪار کي خدا حافظ چونداسين. هن چيو ته تڪراري ڪئنال معاملو دفن ٿي ويو آهي. تڪراري ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ نه ٺهندا،  هن چيو ته 2 مئي تي سي سي آءِ اجلاس ۾ تڪراري ڪئنالن وارو معاملو ختم ٿي ويندو. هن چيو ته 10 ڏينهن کان ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي سبب ملڪ کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. اسان وڪيل برادري کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي ڌرڻو ختم ڪن. هن چيو ته وڏي وزير  سي سي آءِ اجلاس ڪوٺائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا خط لکيا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو  وزيراعظم سان ملاقات ڪري تڪراري ڪئنالن کي ختم ڪرايو. هن چيو ته نگران حڪومت ۾ تڪراري ڪئنالن وارو مسئلو اڀريو پر هاڻي اهو مسئلو دفن ٿي چڪو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سي سي آءِ اجلاس ۾ اسان جو موقف نه ٻڌو ويو ته پ پ وفاق کي خدا حافظ چوندي.