ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه سان گورنر پنجاب سليم حيدر ڪالهه هتي وزيراعليٰ هائوس ۾  ملاقات ڪئي، جنهن ۾گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ تڪراري ڪئنالن وارو مسئلو حل ٿيڻ تي ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي کي واڌايون ڏنيون. وڏي وزير چيو ته  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي سياسي بصيرت ۽ مدبرانه قيادت سان ڪئنال تڪرار پرامن نموني سان حل ٿيو، هن چيو ته وزيراعظم شھباز شريف ۽ سندس ٽيم عوامي موقف کي ڌيان سان ٻڌي، مسئلو خوش اسلوبي سان حل ڪيو، جيڪو عمل ساراهه جوڳو آهي.  ملاقات ۾ سياسي، سماجي ۽ قومي معاملن سان گڏوگڏ سنڌ طاس معاهدي سان لاڳاپيل مسئلن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جي اندروني استحڪام ۾ سڀئي صوبا اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته قوم متحد آهي، ڀارت ڪنهن به جارحيت جو سوچي نٿو سگهي. هن واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت قومي مفادن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندي، هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ تعاون ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام جو ضامن آهي.