ڪئنال خلاف پيادل مارچ ڀٽ شاهه پهتو: فيصلو واپس نه ٿيو ته ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻنداسين: جسقم

0
36
ڪئنال خلاف پيادل مارچ ڀٽ شاهه پهتو: فيصلو واپس نه ٿيو ته ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻنداسين: جسقم
ڪئنال خلاف پيادل مارچ ڀٽ شاهه پهتو: فيصلو واپس نه ٿيو ته ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻنداسين: جسقم

مٽياري/هالا/ ڀٽ شاهه(نمائندن وٽان )حڪومت پاران سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال اڏڻ خلاف جسقم آريسر جو سکر مان ڪراچي تائين نڪتل پيادل مارچ ٻارھين ڏينھن جسقم آريسر چيئرمين اسلم خيرپوري، سرمد ميراڻي، وحيد سنڌي، جمن لاکو، تاج جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ھالا کان بعد ۾ ڀٽ شاهه پھتو، پيادل مارچ ھالا ۽ ڀٽ شاهه پھچڻ تي ايس يو پي اڳواڻ بھار خان سھتو، مصري خان کوکر، جسقم آريسر اڳواڻ فھيم چانڊيو ۽ ٻين جماعتن جي اڳواڻن ۽ شھرين پاران وک وک تي گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪري اجرڪن ۽ لونگين جا تحفا پڻ پيش ڪيا،الله واري چوڪ وٽ جسقم آريسر اڳواڻ اسلم خيرپوري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو  ته سکر کان پيادل مارچ ۾ نڪتل آھيون اڄ ٻارھين ڏينھن ھالا ۾ پھتا آھيون جنھن سبب ٿڪاوٽ ٿي پئي پر ھالا وارن اھڙيون محبتون ڏنيون آھن جو سمورا ٿَڪ ئي لھي ويا،اسلم خيرپوري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو  ته سنڌو درياءَ عوام جو اھم جياپو آھي سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي،وفاق پاران پنجاب جا چولستان آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنھن فيصلي کي سنڌ واسين رد ڪيو آھي،ھن چيو  ته پيپلزپارٽي ڪئنال اڏڻ ۾ وفاق سان مليل آھي،ھن چيو  ته 23 فيبروري تي ڪراچي ۾ تاريخي ڌرڻو ھڻي حڪومت کي اھيو ٻڌائينداسين  ته ڪو به سنڌ دشمن منصوبو اسان کي قبول ناھي،سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ھن مارچ کي ڌرڻي ۾ تبديل ڪنداسين،ان موقعي تي جسقم آريسر مرڪزي اڳواڻ جمن لاکو،ڪرن نظاماڻي سرمد ميراڻي، وحيد سنڌي سميت ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو.