ملير (رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدرسرفراز ميتلو چيو آهي ته سنڌو درياءَ مٿان تڪراري ڪئنال اڏڻ وارو فيصلو واپس ٿيڻ  سنڌ واسين جي گڏيل جدوجهد جو نتيجو آهي، ڪئنالن بعد ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل  زمينن جي ليز به رد ڪرائي ويندي، تعليم ۽ صحت سميت ھر شعبي ۾ بھتري آڻڻ لاءِ وڪيلن جي جدوجھد جاري رھندي، يوسف عارفاڻي ڳوٺ ۾  آجياڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي جدوجھد ختم ناهي ٿي، سنڌ جي معدنيات، ڪارونجھر جبل سميت  ٻين معاملن تي تحريڪ جاري رھندي، هن چيو ته ملير ڌرڻي سميت سنڌ جي ڪنھن بھ علائقي ۾ وڪيلن توڙي سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل ڪيس ختم ڪرايا آھن، جڏهن ته قيد ڪارڪنن جي ضمانت ڪرائي ويندي.