ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف پاران تڪراري ڪئنالن وارو منصوبو سنڌ حڪومت سان ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو فيصلو، وزيراعظم پاران سنڌ حڪومت سان تڪراري ڪئنالن واري منصوبي لاءِ سنڌ حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جو ٽاسڪ سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناالله کي سونپي ڇڏيو، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناالله جو سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ٽيليفونڪ رابطو، شرجيل انعام ميمڻ ۽ وفاقي صلاحڪار وچ ۾ ڪئنالن وارو معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناالله سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻڻ ۾ ڪئنالن وارو معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. ڳالهه ٻولهه دوران وفاقي صلاحڪار راڻا ثناالله چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي سنڌ سرڪار سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڪئنالن واري معاملي تي سنڌ جا خدشا ختم ڪيا وڃن. جنهن تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي عوام کي 6 تڪراري ڪئنالن تي سخت خدشا آهن، سنڌ سرڪار ڪئنالن واري معاملي تي ارسا، ايڪنڪ، گڏيل مفادن واري ڪائوئسل سميت هر فورم تي پنهنجو واضح موقف پيش ڪري چُڪي آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ سمورين جماعتن اتفاق راءَ سان ڪئنالن خلاف ٺهراءُ پڻ پاس ڪيو آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي 1991ع واري پاڻي ٺاھ تحت پاڻي جي منصفاڻي ورڇ چاهي ٿي. شرجيل انعام ميمڻ وفاقي صلاحڪار راڻا ثناالله کي خاطري ڪرائي ته ڪئنالن واري معاملي تي سنڌ حڪومت به وفاقي سرڪار سان ڳالهين لاءِ تيار آهي.