لاهور(م ڊ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ڪينال منصوبي ۾ ٻوڏ جو پاڻي استعمال ٿيندو انهي تي سنڌ اسان کي سمجهاڻي نٿو ڏئي سگهي. ڳالهيون ڌمڪين سان ناهن ٿينديون. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته پيپلز پارٽي کي سنڌ جي هارين جي فڪر ڇو نٿي ٿئي، پ پ سنڌ ۾ 16 سالن کان اقتدار ۾ آهي هو پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي جيڪڏهن پيپلز پارٽي غلط بيان بازي کان ڪم وٺندي ته کين جواب ته ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اڃان تائين ڪي به ڪئنال ٺهڻ شروع نه ٿيا آهن مان اهو چوان ٿي ته اتفاق راءِ نه ٿيو ته ڪئنال نه بڻجندا، ڳالهيون ڌمڪين جي ذريعي نه ٿينديون آهن. اطلاعات واري وزير چيو ته انهي منصوبي ۾ ٻوڏ جو پاڻي استعمال ٿيندو، اسان وٽ برسات کان پوءِ ٻوڏ ايندي آهي ته انهي جو پاڻي ضايع ٿي ويندو آهي، اسان ڪئنالن ۾ انهي پاڻي کي اسٽاڪ ڪنداسين. سنڌ اسان کي انهي معاملي تي سمجهاڻي نٿو ڏئي سگهي ته ٻوڏ جي پاڻي لاءِ ڇا ڪرڻو آهي