حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌو ڊاڪٽرس فورم پاران سنڌو درياءَ تي ڪئنالن جي غير قانوني اڏاوت ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال ۾ ڊاڪٽرس ڪنوينشن ڪوٺايو ويو.  ڪنوينشن جي شروعات لطيف جي وائي سان ڪئي وئي، وائي انو سولنگي پيش ڪئي.ان موقعي تي ڊاڪٽر ورشا ڪنوينشن جي ڪارروائي ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي غير قانوني ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ مارفنگ انساني حقن جي کلي خلاف ورزي آهي،ڊاڪٽر ماجد ڳورڙ آيل ماڻهن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڪينال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ 2023ع جي فراڊ اليڪشن جو نتيجو آهن، انهن منصوبن جي معاوضي طور پيپلزپارٽي کي اقتدار مليو آهي. ان موقعي تي نامياري اديب جامي چانڊيو چيو ته ڊاڪٽر پنهنجي وطن جا باشعور فرد به سنڌ جي عوامي ۽ قومي جدوجهد ۾ حصو وڌو آهي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن جو اهو تحرڪ هڪ ڏينهن جي ڳالهه ناهي، هن جي پٺيان وڏي تاريخ آهي، حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد ڪو غريب نه هو، هن اها واٽ ورتي جنهن ۾ سڄي عمر نظربند رهيو، رسول بخش پليجو ڪتاب لکيا، سنڌ انهن ماڻهن جي خوابن جي تعبير آهي، هي ان پنڌ جو تسلسل آهي، جيڪي ماڻهو چوندا هئا ته ٿيو ته ڪجهه به ڪون اهي غلط ثابت ٿيا آهن. هن چيو ته حڪمران طبقن جو دنڌو قومن جي وسيلن ۽ پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ آهي. هن وقت ته سنڌ جي ماڻهن حڪمران طبقن کان اختيار کسي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو آهي. نامياري دانشور نصير ميمڻ چيو ته سنڌ جي پاڻي سان ٿيل نانصافي جي تاريخ پڙهجي ٿي ته رت ٽهڪي ٿو، درياهه جي تباهي ۽ بربادي انگن ۽ اکرن ۾ ٻڌائڻ کان چڙهي وئي آهي. انصاف ڪنهن کان گهرجي هن ملڪ جي وڏي عدالت جو چيف جج پاڻ ڊيمن لاءِ فنڊ جمع ڪندو وتندو رهيو. هن چيو ته سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي پاڻي وارو معاملو ووٽنگ جو محتاج ناهي، توهان دليل ۽ عقل کي پوئتي رکي ووٽنگ ڪري پاڻي جا سرٽيفڪيٽ ٿا جاري ڪيو. هن چيو ته 1885ع ۾ پنجاب ۾ 30 لک ايڪڙ هئي ۽ هاڻ هڪ ڪروڙ 40 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي پئي اها سڄي زمين سنڌ جي پاڻي تي آباد ٿي رهي آهي. هي ڪوڙ ٿا هڻن ته اسان سنڌ جو پاڻي ئي نٿا کڻو توهان سنڌو درياهه مان پاڻي چوري ڪريو ٿا. 60ع جي انڊس واٽر ٽريٽي ۾ توهان سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري وڪرو ڪيو, توهان کي اربين روپيا مليا, جنهن مان توهان پنجاب ۾ ڪينال ۽ ڊيم ٺاهي ڇڏيا. نامياري وڪيل سجاد احمد چانڊيو چيو ته ون يونٽ کان وٺي هن وقت تائين سنڌ جي زمين تي ڌاڙي جا انگ اکر ڏنسدا ته ڇرڪ نڪري ويندو، گرين پاڪستان منصوبو ون يونٽ آهي، اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ ويٺل سنڌ جي زمين ۽ معدني وسيلن جا فيصلا ڪندا. هن چيو ته هتي جمهوريت جا علمبردار ايوب جي ڪابينا ۾ ويٺو هو، فاطمه جناح خلاف مهم ۾ به اهو آمر سان گڏ هو، هن چيو ته 71ع ۾ 186 سيٽون کٽيندڙ پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ نه ڏني وئي. هن چيو ته هن حال ۾ ويٺل جذبن کي ڏسي اکين مان خوشي م لڙڪ لڙي آيا ته جنهن زمين تي سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڄام ساقي جيڪا کيڙي ڪئي هئي اهو فصل پچي تيار ٿي چڪو آهي. هن چيو ته جيڪي سرسبز پاڪستان جا نعرا پيا هڻن اهي ئي سرسبز پاڪستان کي برباد ڪرڻ وارا آهن. هن چيو ته هتي جمهوريت جي نالي ۾ سوداگراسٽيلشمينٽ جي سهولتڪاري ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن جي موجوده ڇال ملڪي سياست کي لوڏي ڇڏيو آهي.هاڻ اسان جي ٽيبل ۽ ڪرسي تي اچڻو پوندو. اها ٽيبل ۽ ڪرسي سنڌ جا روڊ ۽ رستا آهن.عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ  ڊاڪٽر بخشل ٿلهو چيو ته وڪيل، ڊاڪٽر، شاگرد ۽ سياسي ڪارڪن سنڌو درياهه جي لاءِ ميدان تي آهن، درياهه کي خطرا گهڻا آهن، ڊيم ۽ ڪينال درياهه جا دشمن آهن، هي تحريڪ هي ڪينال ته ٺهڻ نه ڏيندي پر سنڌو درياهه جي پوئين دور جو حساب وٺندي. هنن کي پويون حساب ڏيڻو پوندو. سنڌ جا ماڻهو پارليامينٽ ۽ سي سي آءِ جي چڪر ۾ نه لڳندا. هن چيو ته درياهه سان گڏ پنهنجي زمين به بچائڻي پوندي, ڪارپوريٽ فارمنگ اسان جون زمينون کسڻ جو منصوبو آهي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکن, عوام آڏو ڪير بيهي سگهي، سنڌي ماڻهو وڏو صبر ڪري رهيا آهن.پورهيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاهه چيو ته پاڪستان قومن جي انڪار تي بيٺل انگريز سامراج جي چوڪي آهي، پاڪستان جي ڪا جاگرافيائي ناهي، پر سنڌ جي جاگرافي آهي، هن چيو ته هي وفاق کي نٿا مڃين، وفاق اسان جي مٿي جو سور بڻيل آهي، پر هو هٿيار جي ٻولي ٿا ڳالهائين، هو قومن جي جاگرافي جا سودا گر آهي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي وٽ سنڌ جون زمينون، سمنڊ، درياهه، سياحت، معدني وسيلا گروي رکي ٻين ملڪن جي حوالي ڪرڻ چاهين ٿا، هي قومن کي ڦرڻ جو نئون منصوبو آهي, ان ۾ پيپلزپارٽي سهولتڪاري ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف اٿي کڻي ٿي آهي. هن چيو ته اسٽيلشمينٽ عام وڏيري ۽ سردار بجاءِ پيپلزپارٽي سان ڊيل ڪرڻ کي آسان سمجهي ٿي. پيپلزپارٽي جا هاڻ دراما نه هلندا ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور چيو ته سياست کانسواءِ صحت جا مسئلا به حل نٿا ٿي سگهن. بيماري رڳو جسماني ناهي هوندي، پر ذهني به هوندي ۽ ان بيماري جو حل سياست آهي. پر هتي چيو وڃي ٿو ته شاگرد سياست نه ڪري. هن چيو ته سنڌ نه صرف سڪڻ واري ناهي، پر فلسطين ٿيڻ طرف پئي وڃي، اسان جي مٿان هن وقت گوري سامراج بجاءِ ڪاري سامراج جي حڪمراني ۽ تسلط آهي. اسان جي سمنڊ، درياهه، زمينن ۽ وسيلن تي انهن جو قبضو آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي پنجاب ڏهاڪن کان قبضو ڪري ويٺو آهي, ڊيلٽا جو 10 ايم ايف پاڻي سواءِ ٻوڏ جي ڪڏهن به ڇڏيو آهي، جنهن سبب اسان جو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڊيلٽا تباهه ٿي ويو آهي. زوهيب پيرزادو چيو ته ڊيلٽا جي ڪري 16 هين صدي ۾ ٺٽو دنيا جو امير ترين شهر هو, پر اڄ ٺٽو ۽ سجاول ضلعو تباهه ٿي چڪو آهي. هن وقت ٺٽي ۽ سجاول جا 12 لک کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن. 1833ع ۾ انڊس 130 ملين ايڪڙن تي مشتمل هو, پر هاڻ اهو ڊيلٽا وڃي 2 سيڪڙو بچيو آهي. 6 لک ايڪڙن تي تمر جا ٻيلا هئا جيڪي هاڻ 70 هزار ايڪڙن تي وڃي بچيو آهي. ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر روشن چانڊيو چيو ته اسان پنهنجن ڊاڪٽرن کي سنڌو درياهه جي تحفظ جي لاءِ متحرڪ ڪريون، اسان سڄي سنڌ جا ماڻهو گڏ هونداسين. صحافي وينگس چيو ته اسان کي ڪجهه ڏينهن کان فيدريشن جو لالي پاپ ڏنو پيو وڃي، رياست جو لالي غلام قومن جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ ناهي هوندو، توهان سنڌين کي پاڪستان ۾ غلام بڻائي رکيو آهي، پنجاب جو سنڌ جو رويو انتهائي ڏاڍ وارو آهي، پيپلزپارٽي سنڌ جي قومي مفادن تي سوديبازي ڪندي رهي آهي، سنڌو درياهه جي تحفظ جي لاءِ هلندڙ هي تحريڪ سنڌ جي قومپرست تنظيمن جي محنت ۽ جدوجهد جو نتيجو آهي.