ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل صدر عباسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف جاري ڌرڻن تي پوليس چڙهاين ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سرڪار آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ 8 مهينن کان پرامن احتجاجي تحريڪ جاري آهي، ڪٿي به ڪو نقصان نه ٿيو آهي، ڪنهن کي ڪو پٿر به نه هنيو ويو آهي، پوليس ذريعي پرامن احتجاج کي ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تحريڪ کي چيڀاٽي نٿو سگهجي، تڪراري ڪئنالن ۽ زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ خلاف پرامن احتجاج جاري رهندو، پوليس جي شيلنگ سان ماڻهن جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿيا آهن، هن مطالبو ڪيو ته وڪيلن سميت گرفتار ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، هن چيو ته وڪيل پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن، سنڌ جو عوام ساڻن گڏ آهي.