ڪئنالن وارو مسئلو عدالت کڻي وڃڻ وارو قدم رد، سياسي جدوجهد ئي حل قرار: ضمير گهمرو پاران وضاحت … پاڻي جو ڪيس روڊن تي وڙهنداسين، عدالتن هٿان سنڌو کي ڦاهي چاڙهڻ نه ڏينداسين: عوام جو ردعمل

0
26
ڪئنالن وارو مسئلو عدالت کڻي وڃڻ وارو قدم رد، سياسي جدوجهد ئي حل قرار: ضمير گهمرو پاران وضاحت ... پاڻي جو ڪيس روڊن تي وڙهنداسين، عدالتن هٿان سنڌو کي ڦاهي چاڙهڻ نه ڏينداسين: عوام جو ردعمل

 عوام ڪئنالن وارو مسئلو عدالتن ۾ کڻي وڃڻ واري قدم کي رد ڪري ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي ان معاملي تي بحث به ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ دودو چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ضمير گهمرو پ پ پ جو سينيٽر آهي، ڪئنالن وارو مسئلو عدالت ۾ کڻي وڃڻ خطرناڪ نتيجا ڏيندڙ عمل  آهي، ججن جا فيصلا ڪٿي ٿا لکجن، اهو ڪنهن کان لڪل ناهي، سڀاڻي ڪو جج ڪنهن نامعلوم ڪال تي ڪئنالن جي حمايت ۾ فيصلو ڏئي ڇڏي ته پوءِ ڇا ڪنداسين، پو  پ پ وارا به چوندا، ادا اسان ته ڪئنالن جا مخالف هئاسين، هاڻي عدالت فيصلو ڏنو آهي ڇا ڪريون، پنهنجي ئي سينيٽر کي ميدان تي آندو اٿن، اسان ان عدالتي ڪيس کي سنڌي عوام جو ڪيس نه ٿا سمجهون، اسان سمجهون ٿا ته ڪئنال انتظامي نوٽيفڪيشن ذريعي رد ٿيڻ کپن، مون کي ياد آهي ماما يوسف لغاري وارن هڪ ڀيرو ڪالاباغ ڊيم خلاف عدالت ۾ وڃڻ جي تجويز رکي هئي، پليجي صاحب سخت مخالفت ڪندي چيو، سڀاڻي جج ڪو فيصلو ڏين، اسان کان سياسي احتجاج جو به حق کسجي وڃي، ڪالاباغ رستن تي احتجاج ڪري روڪرايوسين، ان ڪري اسان ڪئنالن خلاف عدالت م وڃڻ واري پ پ پ سينيٽر ضمير گهمري جي عمل کي هڪڙي پ پ پ جي چال ٿا سمجهون، سڀاڻي چوندا معاملو عدالت ۾ هلندڙ آهي، ڪورٽ ميٽر آهي احتجاج نه ڪيو وغيره، ان ڪري اهو عمل ضمير گهمري جو ذاتي عمل آهي سنڌي قوم ان عمل  سان گڏ ناهي، جنهن تي گلشن لغاري لکيو ته ضمير گھمري ارسا ۾ سنڌ کي نمائندگي گھٽ ڏيڻ کي چيلينج ڪيو آھي شايد، خالده منير پوسٽ سان اتفاق ڪيو، وشنومل لکيو ته عدالت ۾ نه وڃڻ گھرجي ان ڪري ته جنهن ٽيبل تي اهو فيصلو منظور ڪيو ويو آهي اها ٽيبل رد ڇو نه ٿي ڪري ٻيو زمين ته نگران دور ۾ ڏني ويئي چونڊيل انکي رد ڇو نه ٿا ڪن، هنن بلڪل هڪڙي منصوبي جي بنياد تي منظوري ڏني آهي ائين هي عدالت ۾ به منصوبي جي بنياد تي ويا آهن هي چاهين ٿا ته عدالت رد ڪري ڇڏيو ته به واھ واھ، پر جيڪڏهن عدلت صدر جي حڪم کي بحال رکيو ته بلاول جي وزير اعظم جي سيٽ پڪي ٿي ويندي، پر جي هي ان ضد تان نه ٿا لهن ته ڪو مسئلو ناهي عدالت ته ڀٽي جي قتل جو فيصلو ڪيو هو، پوءِ ملڪي ۽ خاص طور سنڌ جي عوام ان فيصلي کي قبول ڪيو ڇا؟ اهڙا هٿ ڪنڊا استعمال ڪرڻ سان وڌيڪ مٽي پليد ٿيندن. عزيز سولنگي لکيو ته گھمرو صاحب غلط پيو ڪري…. کيس عدالتي فيصلن جو. تجربو آھي. سندس ئي جماعت جي قائد جي عدالتي قتل ٿيو… ٻيو ته آھي معاملا عدالتن ۾ کڻي وڃڻ جا ناھن… اھا پ پ جي ايجنڊا آھي. منير ڀرڳڙي لکيو ته ايئن ناهي، پاڻ کي سڀني فورمن تي وڙهڻو پوندو،ارسا ۾ به ڪيس رکيو پر اڪثريت رد ڪيو،،پر اسان جي ميمبر ته مئوقف رکيو، وري صوبن واري ڪائونسل ۾ هلندو،اتي به به اڪثريت تي هارجي ويندو،ڀلي ڪورٽ ۾ به هارجي وڃي،ڀلي بين الاقوامي فورمن تي هارجي وڃي، پر ان سان ڪجهه نه ٿيندو ڇو ته هاڻ هي معاملو عوام جي هٿ اچي ويو آهي ان کي ڪير به ڪهڙا به فيصلا ڏي ڪجهه نه ٿيندو، پر پرامن جهموري جدوجهد ۾ ائين ئي هلندي آهي، هڪڙا صحيح مهم هلائيندا،هڪڙا ڪانفرنسون ڪندا،هڪڙا سوشل ميڊيا استعمال ڪندا،هڪڙا ٻاهرين سنڌين جي مهم پيا هلائيندا، تنهن ڪري ڪنهن تي اهو الزام لڳائڻ بهتر نه رهندو، سڀ پاسائتي، پرامن جهموري جدجهد هلي، ناڪام صرف ٿڏهن ٿيندي جڏهن هن ۾ ايجنٽ پرتشدد ڪا ڪاروائي ڪري وجهن، ادل سومرو لکيو ته اوهان جي راءِ دليل جي بنياد تي وزندار آھي، عبدالقدير ميمڻ لکيو ته ڪجهه به هجي. ڏسو هڪ توهان وٽ عوامي ۽ ميڊيا جي سگهه هئڻ گهرجي . ٻيو رستو توهان جو سپريم ڪورٽ آهي. سپريم ڪورٽ کانپوءِ انٽرنيشنل واٽر ٽربيونل آهي. اهي ڪهڙا وھم آهن ته ڪورٽ ۾ فيصلا ڪٿان ٿا لکي اچن. پوءِ ته ماڻهو پنهنجي ضمانت لاءِ به نه وڃي. ڪورٽ ۾ ڳائي وڄائي ڪيس وڙهبو، وسيم گبول لکيو ته اوهان جي موقف سان سهمت آهيون، ذوالفقار چانڊيو لکيو ته ضمير گهمرو پيپلزپارٽي جو نوازيل جيالو آهي پيپلزپارٽيءَ جي ڊرامي تحت ڪورٽ پيو وڃي،  محمد علي جوکيو لکيو ته بلڪل سچ پيا چئو، ڪبير ڀيل لکيو ته قومي سطح جو عوامي مسئلو عدالت ۾ کڻي وڃڻ خود رياست کي جواز مهيا ڪرڻ آھي ته اهو قانوني طور جدوجھد کي ختم ڪري. مظهر خاصخيلي لکيو ته فيصلو حق ۾ اچي جا مخالفت ۾ ڪير سنڌ جو رھواسي ھنن جي ڳالھه کي قبول ڪندو عدالتن جي فيصلن تي 80سيڪڙو سنڌ حڪومت عمل ڪانه ٿي ڪري، حيدر ڀرڳڙي به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، منان شيخ لکيو ته پيپلزپارٽي وڏي ڊرامائي انداز سان سنڌي ماڻهن جي پريشر مان نڪرڻ ٿي چاهي، پهريون ڊرامو صدر جي خطاب وارو ان ۾ نه ڦٻيا، ٻيون ڊرامو سنڌ اسيمبلي وارو ان ۾ سنڌي ماڻهن اڃا وڌيڪ خوار ڪين، ٽيون ڊرامو احتجاج وارو ان ۾ به سنڌي ماڻهن موٽ نه ڏنن، هاڻي چوٿون ڊرامو ڪورٽ ذريعي ڪري پاڻ کي آجو ڪرڻ ٿا چاهن، امير حيدر لکيو ته اوھان جو موقف سنجيده سوچ ۽ سياسي حڪمت عملي تي ٻڌل آهي. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ پنهنجي حقن لاءِ سدائين سياسي جدوجهد ذريعي فائدا حاصل ڪيا آهن ۽ عدالتي فيصلا ڪيترن ئي موقعن تي خاص ڌرين جي مفادن مطابق آيا آهن. جيڪڏهن ڪئنالن جو مسئلو به انتظامي نوٽيفڪيشن ذريعي حل ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ان کي عدالت ۾ وٺي وڃڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ جيڪڏهن ڪو جج دٻاءُ هيٺ اچي غلط فيصلو ڏئي، ته پوءِ سنڌ کي احتجاج جو به حق نه رهندو. ماضي ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف سياسي مزاحمت ڪامياب وئي ۽ ان سان سبق مليو ته عدالتي جنگ کان وڌيڪ مؤثر عوامي جدوجهد آهي. امين سنڌي به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، مور ساگر لکيو ته سڀ کان وڌيڪ سنڌ کي نقصان عدالتن ذريعي به مليو آهي، ذوالفقار هاليپوٽو لکيو ته قومن ۽ وفاقي اڪائين جا تاريخي حقن جا مامرا سياسي طور حل ٿيندا، ايستائين جو قومي اسيمبلي سينيٽ کي به اختيار ناھي، مختيار چنا لکيو ته  عدليه ۾ وڃڻ مطلب پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ آهي، جوڳي خالد لکيو ته اهو عمل اڻ سڌي طرح ڪئنالن جي حمايت آهي، شهزاد خان لکيو ته عدالت  درخواست جي ٻڌڻي 7 اپريل تي صبح 11 وڳي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي، راجا اجمل چاچڙ لکيو ته ھي ريفرنڊم ذريعي معاملو حل ٿي سگھي ٿو.سياسي معاملو آھي سياسي طور حل ٿيندو .قادر سرڪي لکيو ته ضمير ڪئنال جو ڪيس ڪورٽ ۾ چلينج ڪري ٿو ته سمجهو گيم فڪس آهي. پير بخش گورچاڻي لکيو ته سنڌ جي عوام جي رد عمل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن.

جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سياسي معاملا سگھاري عوامي سياسي جدوجھد ۽ مزاحمت ذريعي ئي حل ٿيندا جنھن ۾ ٽيڪنيڪل ۽ آئيني ڄاڻ ان جدوجھد جي ساٿاري ٿيندي. اھڙن حساس معاملن ۾ ھن ملڪ جي عدالتن تي اعتبار نه ٿو ڪري سگھجي.  جنهن تي لال جروار لکيو ته

پليجي صاحب جي اڳيان ڪافي دوستن تجويز ڏني ھئي ته ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪورٽ ۾ وڃجي، پر پليجي صاحب سخت مخالفت ڪئي ھئي. ڪورٽون ڪيتريون آزاد آھن اھا جڳ جھان کي خبر آھي. ضمير گھمري صاحب کي شايد پيپلزپارٽي وارن ئي اھا صلاح ڏني ھجي ته جيئن قومي ڏوھه کان آجا ٿي وڃن. اھو قدم انتھائي خطرناڪ ھوندو. ڪالاباغ ڊيم کي عوامي احتجاجن روڪيو ھو.

ايوب کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ضمير گُهمرا بئريسٽر صاحب توھان ان پيپلزپارٽي جا نمائندا آهيو، جنهن سنڌوءَ درياهه تي لڳندڙ ڌاڙي ڪئنالن جي منظوري ڏني آهي، ان پيپلزپارٽي کان اڄ سنڌ الڳ رستي تي بيٺل آهي. هي جيڪو سنڌ جو شعور مزاحمتي تحريڪ منظر عام تي عملي جدوجهد پيو ڪري ڇا اهو تماشو آهي؟ اوهان جيڪا ڪئنالن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي مهرباني ڪري اها پٽيشن واپس وٺو، توھان سينيٽ ۾ ويٺا آهيو توھان ڪئنالن جو ڪيس سينيٽ ۾ رکي سگھو ٿا ، توھان کي ڪنهن حق ڏنو آهي  ته توھان ڪئنالن جي ايشو کي عدالت ۾ چئلنج ڪيو؟ ڇويهين آئيني ترميم کان پوءِ ڪا ضرورت ئي ناهي ته اهو قدم کڻڻ گهرجي. ڇهن ڪئنالن جو معاملو سنڌ جي قومي جياپي جو آهي جنھن جي عدالت سنڌي قوم خود آهي. پٽيشن سان سنڌي قوم کي ٽڪي جي به دلچسپي نه آهي اها واپس وٺو. هادي بخش کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ضمير گهمرا صاحب ! اسان ست ڪروڙ سنڌي ٻارين ٻچين پاڻي جو ڪيس روڊن تي وڙهنداسين، ملڪي عدالتن هٿان سنڌوءَ کي ڦاهي چاڙھڻ ڪونه ڏينداسين،

ضمير گهمرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته منهنجي آئيني درخواست تي ڪجهه دوستن کي غلط فهمي ٿي آهي ته ڪا اها سياسي جدوجهد کي ماٺو ڪندي، هي ڳالهه بلڪل حقيقتن جي ابتڙ آهي، اها درخواست مون ڪجهه وقت اڳ داخل ڪئي هئي ته ارسا ۾ فيڊرل ميمبر سنڌ مان مقرر ڪيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ 2017ع ۾ منهنجي پٽيشن تي فيصلو ڏنو ته ارسا جو فيڊرل ميمبر سنڌ مان مقرر ڪيو وڃي، وفاقي حڪومت ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي، جيڪا سپريم ڪورٽ رد ڪري ڇڏي، فيصلي جي روشني ۾ ارسا ۾ سنڌ جا پنجن مان ٻه ميمبر هوندا، ٻن ميمبرن ڪري ٽيون ووٽ سنڌ حاصل ڪري اڪثريت حاصل ڪري سگهي ٿي، مون درخواست داخل ڪئي ته ارسا ۾ پنجاب مان مقرر فيڊرل ميمبر اسجد امتياز کي هٽائي سنڌ مان ميمبر مقرر ڪيو وڃي، ان ۾ مون واڌو شق اها وڌي آهي ته جيئن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي هيٺ سنڌ مان ارسا جو فيڊرل ميمبر مقرر نه ڪيو ويو آهي، ان ڪري ارسا جي جوڙجڪ به غيرقانوني آهي، ان ڪري اها ڪئنالن جي اڏاوت لاءِ اين او سي جاري نه پئي ڪري سگهي، مون هي آئيني درخواست بنيادي طور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ارسا جي فيڊرل ميمبر اسجد امتياز جي پنجاب مان مقرري خلاف ڪئي آهي، هي عمل سياسي جدوجهد واري فرنٽ کان بنهه الڳ آهي، نه وري ڪو اهڙو ارادو به ٿي سگهي ٿو ته سياسي جدوجهد ۾ ڪا ماٺار اچي، هي بلڪل جدا فرنٽ آهي، ان ڪري دوستن کي هي حقيقت سمجهڻ گهرجي.

جنهن تي ايم بي سومرو لکيو ته منهنجي معلومات موجب ارسا ۾ سنڌ جي نمائيندي کان علاوه وفاقي نمائيندو به سنڌ مان مقرر ڪرڻ جو عمل آمر پرويز مشرف جي دور ۾ شروع ٿيو هو اوهان آئيني درخواست داخل ڪرائڻ کان اڳ ان حوالي سان تحقيق ڪئي هوندي ته ارسا ۾ وفاقي نمائيندو سنڌ مان مقرر ڪرڻ جي عمل ڪڏهن روڪيو ويو ۽ ان وقت ڪنهن جي حڪومت هئي منهنجي خيال ۾ ان مامري کي چٽو ٿيڻ گهرجي ، مان سفر ۾ آھيان ان ڪري اوهان جي آئيني درخواست پڙهي نه سگهيو آهيان پر مون ٻڌو آھي ته ارسا ۾ سنڌ مان مقرري نه ٿيڻ کي بنياد بنائي اوهان چولستان ڪينال لاءِ پاڻي جي فراهمي جي اين اوسي جاري ڪرڻ واري ارسا جي فيصلي کي چئلنج ڪيو آھي اوهان ضرور سوچي سمجهي درخواست داخل ڪئي هوندي پر سچ اهو آھي ته منهنجي ذهن ۾ به خدشا آھن.

سهيل ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

ضمير گهمرو ڪورٽ ۾ ڪيس وجهڻ جي وضاحت ڪئي آهي . هڪ وضاحت هي به ڪري ته پاڪستان جي آئين جي شق  (6) 155 ۾ صاف لکيل آهي  CCI  يعني ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جا معاملا عدالتون  نه ٻڌي سگهنديون ته پوءِ هن قانون ۽ آئين جو ڄاڻون هجڻ باوجود ارسا بابت معاملو هاءِ ڪورٽ ۾ ڇو وڌو آهي؟

امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بيرسٽر ضمير گهمري جي ھن وضاحت کان پوءِ جيڪڏھن ڪنھن کي قانوني نڪته نظر سان ڪو اختلاف ھجي تهہ اھو سامھون رکو باقي سياسي اسڪورنگ لاءِ مخالفت ۽ اجايو شور بي معنيٰ آھي.