نوشهروفيروز (رپورٽر) اين پي پي سربراهه ۽ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي اليڪشن دوران پولنگ تي ٿيل جھيڙي ۾ هڪ ڄڻي بلاول جي زخمي ٿيڻ بعد فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت ٻڌڻي 20 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ جتوئي چيو ته سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو مسئلو اڃا اٽڪيل آھي ۽ اھو مسئلو حل ٿيڻ بجاءِ ھلي رھيو آھي، ھن چيو ته ھاڻي معاملو صدر پاڪستان وٽ ويندو، صدر وري رپورٽ تيار ڪري سي سي آءِ ڏانھن موڪليندو، ھن چيو ته الله ڪندو ته ڪئنال ختم ڪرڻ وارو سي سي آءِ جو فيصلو برقرار رھندو، ھن چيو ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال گڏيل مسئلو آھي، اھي ھڪٻئي کان جدا ناھن، ھن چيو ته جيسيتائين پاڻي نه پھچائيندا ته ڪارپوريٽ فارمنگ ڪيئن ٿيندي؟ ان ڪري ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ھن چيو ته پاڪستان اسان جي وڏن قربانيون ڏئي ٺاھيو ھو، ان ڪري اسان ھر حال ۾ پاڪستان سان گڏ آھيون ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالھه ڪندا رهنداسين، ھن چيو ته سنڌ پوليس پئسو ڪمائڻ ۾ رڌل آھي، جنھن ڪري حڪمرانن جي ڪمداري ڪري رھي آھي ۽ مخالفن جي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رھي آھي پر اسان ڊڄڻ ۽ پوئتي ھٽڻ وارا ناھيون.