ڪراچي(نمائندن وٽان) تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج، 3 بئراجن ۽ 4 پلين تي ڌرڻا، پنجاب جا رستا بند ڪرڻ جو چتاءُ، ميرپور خاص ۾ عوامي ورڪرز پارٽي ميرپورخاص جي سڏ تي بيڪري کان پريس ڪلب تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. ريلي دوران شرڪت ڪندڙن “ڪينال نامنظور” ۽ “دريا تي ڌاڙو نامنظور” جا زوردار نعرا ھڻندا رهيا،ريلي جي اڳواڻي علي حسن لغاري، ذوالفقار شر، مشتاق لغاري، علي رضا لغاري ۽ حيدر لغاري ڪئي، ٺٽو ۾ تحريڪ انصاف يونٽ ڳوٺ نور محمد ٿھيم يونين ڪائونسل پليجاڻي طرفان احتجاجي پيادل مارچ شاھد ٿھيم، حاجي محسن ٿھيم، خليل احمد ٿھيم، سعيد نبي ٿھيم، وحيد رند ۽ سيد امجد حسين شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي وئي، ٺٽو ۾ پورهيت مزاحمت تحريڪ پاران ڇتو چنڊ کان ٺٽو تائين 7 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري مسرور شاھ ، اعجاز جاکرو ، جلال شاھ ، سلمان جاکرو ، عبدالجبار ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ٻي طرف جمعيت العلماءِ اسلام جي ڏنل سڏ تي شهيد دولهه درياءَ پل تي ڌرڻو هڻي ٺٽو سجاول ٽنڊو محمد خان ۽ بدين ويندڙ ٽرئفڪ معطل ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي،سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ مهر علي جمالي ۾ شاگرد اتحاد ۽ ڳوٺاڻن افضل جمالي، وقار جمالي، رياض جمالي، نعمان جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ڌرڻو هنيو ويو،ڦل ۾ سگا عهديدارن رفيق جعفري، علي حسين بروهي، بخش علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو،ڍورونارو ۾ ڳوٺ قدوس ساند جي رھواسين سماجي اڳواڻ راجا ساند، قادر ساند، ڪامريڊ مهر علي سمون، هدايت الله ساند جي اڳواڻي ۾ ريلي احتجاج ڪيو ويو، ڊگھڙي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي قومي عوامي تحريڪ،جسقم،جميعت علماءَ اسلام،جماعت اسلامي،پ پ شهيد ڀٽو،آبادگار وڪيل ميريونس ٽالپر،پرويز نوحاڻي،منصور جروار،ٺارو خان نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، جاتي ۾ سنڌ ترقي پسنڌ پارٽي پاران جمن سنڌي،اشرف ٿهيم اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪئنال سمورا نامنظور جا نعره هنيا ويا،ميرپوربٺورو ۾ نيو ويزن فورم جي سڏ تي دڙو کان ميرپوربٺورو تائين 11 ڪلوميٽرن جو پيادل مارچ ڪري راحيل انور سومرو، رشيد سومرو، منصور چوھاڻ، انور ملاح، قادربخش زئنور، اشرف پليجو، لطيف زئنور، عبدالغني جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، سجاول ۾ جي يو آئي سنڌ جي سڏ تي دولهه درياءَ خان پل تي مولانا محمد صالح الحداد سالار حاجي عبدالرزاق، عابد لاکو، حاجي عبدالمالڪ ٽالپر، مولانا فتح محمد مھيري، مولانا عبدالوھاب بلوچ، مولانا محمد اسماعيل قاسمي، مفتي ارشد ميمڻ، مولانا سليم عاطف، حافظ فضل الله فياض خطاب ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، سکر ۾ جي يو آءِ سکر بئراج تي سنڌو بچايو، سنڌ بچايو مهم جي سلسلي ۾ مولانا عبدالقيوم هاليجوي، علامه راشد محمود سومرو، محمد صالح انڍڙ، مفتي سعود افضل هاليجوي، حافظ عبدالحميد مهر، ڊاڪٽر عبدالغني انصاري، غلام الله هاليجوي، حافظ غلام مصطفيٰ ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 7 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، مورو ۾ جي يو آءِ پاران مورو دادو پل وٽ راشد محمود سومرو، عبدالقيوم ھاليجوي، مولانا عبدالرحمان ڏنگراج، عبدالرشيد بروھي، عبدالمالڪ ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن ۾ جسقم، ايس ٽي پي جي ڪارڪنن، ڳوٺاڻن، ھارين ۽ مزدورن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٺڪراٺو ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن مولوي عبدالقيوم مھر، نديم پتافي، عبدالصمد مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو،ڪنڌرا ۾ جي يو آءِ جي سڏ تي يو سي اڪبر پور جي چيئرمين عبدالرئوف ڪٽپر ۽ مولانا محمد عيسيٰ، مولانا عبدالحميد چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سڪرنڊ ۾ جي يو آءِ پاران مفتي احسان موروجو، ايڊووڪيٽ ڪريم بخش رند، راشد لغاري، عبدالرشيد پرهياڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،قاضي احمد ۾ جي يو آءِ پاران آمري پل تي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، هوڏانهن شيعا حيدر قرار پاران زوار فيروز انڙ، مولانا امير حسين ساجدي، حسيني شير محمد جوکيو، زوار جاويد راھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته اهلبيت ڪوچنگ سينٽر تي شاگردن توڙي شاگردياڻين شجاعت شاھ، عبدالرحمان گائنچو، سرور بوزدار، آصف ميرجت، منصور شاهه، عابد دايو، خرم انڙ ۽ ٻين ريلي ڪڍي، راضيديرو ۾ جي يو آءِ پاران خيرپور لاڙڪاڻو سنڌو درياءُ جي پل تي نياز ابڙو، محبت علي کهڙو، اطهر عباس سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ڪنڊيارو ۾ جي يو آءِ پاران مولانا رمضان خاصخيلي، مفتي حماد الله بروهي، حافظ شاهد اڄڻ، مولانا مسرور عباسي، قاري عبدالفتاح گهانگهرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، گپچاڻي ۾ جي ڊبليو سي جي ڪارڪنن ذوالفقار علي خاصخيلي، غلام نبي شاهه، نزاڪت گپچاڻي، محمود رخشاڻي، امير علي مغيري، سرفراز گپچاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، کپرو ۾ ايس ٽي پي پاران علي ڏنو خاصخيلي، رفيق جلالاڻي، عثمان ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،ڪيٽي بندر ۾لال جروار ،رزاق چانڊيو، شاهه محمد چانگ ، بلاول لاشاري رياض عباسي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،ملڪاڻي شريف ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان سريش ڀيل، دلدار نوحاڻي،جميل ملاح،گلذار نوحاڻي، ڀيمراج ڀيل، آدريش ڪولهي،راجا ڪولهي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، جنگشاهي ۾ قومي عوامي تحريڪ ٺٽي پاران ياسر جاکرو، ممتاز شيخ، حاڪم بروهي، قادر پيراڻي، رضوان بروهي، معيز روئوف ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلوي اسٽيشن کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، نوري آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ، سنڌي مزدور تحريڪ پاران اعجاز سومرو امداد پنھور مقصود جھتيال لکانو پالاري لياقت گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ڪڙيوگهنور ۾ درزي اتحاد پاران گيانچند مهيشوري ، سڪندر ، آڪاش مهيشوري ڄيٺو مل ، هريش ڪمار ، شير مهيشوري ، راهول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، مٽياريءَ ۾ ميلاد آرگنائيزيشن طرفان سنڌو ڌاڙي خلاف ريلي ڪڍي وئي. دادو ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي سڏ تي دادو ۽ مورو جي جي يو آءِ ڪارڪنن پاران دادو-مورو پل تي انڊس هاءِ وي بند ڪري وفاقي حڪومت پاران سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ڪڍڻ واري سنڌ دشمن منصوبي خلاف اعلانيل ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ جي يو آءِ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مولانه راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اهو واحد صوبو آهي جنهن اسيمبلي ۾ پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پيش ڪئي ۽ پاڪستان ايندڙ لاءِ پنهنجي دل جا دروازا کوليا راشد محممود سومرو چيو ته ملڪ کي 70 سيڪڙو روينيو صوبي سنڌ مان ملي ٿو پر سنڌ کي يتيم خانو سمجهي سنڌ جون نوڪريون، درياهه، وسيلا لٽيا پيا وڃن، صوبي سنڌ جي جماعت جمعيت علماءِ اسلام ڪرپشن ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي ۽ امن و امان لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جي حمايت ڪئي، جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي اڳواڻ مولانه راشد محمد سومرو چيو ته اسان جي جماعت صوبي سنڌ جي 7 بئراجن مٿان ٺهيل پلن تي سنڌو درياهه تي لڳل ڌاڙي خلاف سراپا احتجاج آهي پنجاب حڪومت پنهنجو ڪيل فيصلو واپس وٺي ٻي صورت ۾ سنڌ پنجاب باڊر کي بند ڪيو ويندو، پاڪستان جي صوبي بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ سنڌ کي ڪمزو ڪير ڪري ٿو، مولانه راشد محمود سومرو پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته بلاول بابا توهان جي پارٽي طرفان ڌرڻا مشعل بردار ريليون ڪڍيون پيون وڃن، توهان وٽ بلوچستان جو وزير اعليٰ آهي پنجاب جو گورنر آهي سنڌ ۾ حڪومت آهي جيڪڏهن توهان سنڌ سان سچا آهيو ته بلاول ڀٽو زرداري وفاق کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ته آءۡ بلاول کي اجرڪ اوڍائيندس هن چيو ته 1991ع واري پاڻي جي معائدي موجب پنجاب سنڌ جو 55 سيڪڙو پاڻي کڻت ڪري ٿو، نوان ڪئنال ٺهيا ته سنڌ جو هاري، زميندار، ڪڻڪ، ساريون، ڪمند، چانور جو فصل ته نه ڪري سگهندا پر جانور ۽ انسان به پئيڻ جي پاڻي لاءَ پريشان ٿيندا، هن چيو ته پاڪستان صرف پنجاب ۾ نه آهي بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ سنڌ ملڪ جق صوبا آهن جنهن جي درياهن، جزيرن، نوڪرين ۽ ڪاروبار تي ڌاڙا ڪنهن به صورت ۾ منظور نه آهن اسرائيل جي غزه تي وحشياڻي بمباري تي خطاب ڪندي مولانه راشد محمود سومرو اکين مان لڙڪ لاڙي ويٺو ۽ چيائين ته جمعيت علماءِ اسلام حماس ۽ غزه سان گڏ آهي اسان اهل غزه جي مسلمانن آڏو شرمنده آهيون ڇاڪاڻ ته اسان انهن جي لاءِ احتجاج کان سواءِ ڪجهه به نٿا ڪري سگهون. فريدآباد ۾ عوامي پورھيت تحريڪ جي سوين عورتن ٻارڙن ۽ ڪارڪنن نٽھڻ اس ۾ قائم جتوئي کان فريدآباد تائين 10 ڪلو ميٽرن پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو. مسڻ ۾ يوٿ ايڪشن ڪميٽي طرفان مختياراحمد لغاري نورمحمد عرف بابو لغاري مولانا بشير احمد ڪرمي مولانا اياز سنڌي الطاف لغاري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ريلي ڪڊي وئي، ميهڙ ۾ مرڪز ولايت علي عليه السلام پاڪستان سنڌ پاران 7 شوال يوم تھديم جنت البقيع جي ڏھاڙي تي سنڌو درياء مان نڪرندڙ 6 ڪئنالن خلاف مرڪزي امام بارگاهه ميهڙ کان ريلي ڪڍي وئي. خيرپور ناٿن شاه ۾ جسقم شھيد بشير خان قريشي يونٽ مراد خان گاڏھي پاران ڪاشف گاڏھي , حاجن گاڏھي جاويد گاڏھي ۽ سرڪش گاڏھي جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪن ڳوٺاڻن ڳوٺ مراد گاڏهي کان خيرپورناٿن شاه شهر تائين ڇھ ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري علمدار چونڪ پهچي مک روڊ تي احتجاج ڪيو، نئون ڳوٺ ۾ شاھپنجو راڌڻ ۽ ميھڙ جي سياسي سماجي شھري ۽ قومپرست جماعتن پاران جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ قاضي فيض الله جوڻيجو، زاهد آزاد سومرو ، شهري اتحاد ميهڙ جي چيئرمين نياز علي ٻرڙو ،وڪيل انم عابد ڪلھوڙو ، مصري اعجاز جانوري ، سهيل سومرو ، عبدالحميد لاشاري ، آزاد ٻٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نئون ڳوٺ باء پاس سنڌو درياء تائين 6 ڪلو ميٽر موٽرسائيڪل ۽ ڪار جي ريلي ڪڍي وئي،ٽنڊي الهيار ۾ ايس يو پي، جسقم،جي يو آئي،جماعت اسلامي،پي ٽي آئي سميت شهرين ۽ آبادگارن طرفان ٽنڊي الهيار جي مشائخ هوٿي کان ميڊيا سينٽر ميرآباد تائين 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ميڊيا سينٽر اڳيان احتجاج رڪارڊ ڪرايو ، سکر ۽ مورو ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي راشد محمود سومرو چيو ته جيڪڏهن صوبن کي ڪمزور ڪيو ويندو ته وفاق مضبوط نه ٿي سگهندو، 1991ع جي معاهدي تحت سنڌ کي جيڪو پاڻي ملڻ گهرجي، ان کان به هن وقت 55 سيڪڙو گهٽ ڏنو پيو وڃي، پوءِ چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي ڪٿان آڻيندا؟ اهي ڪوڙا ماڻهو سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته چولستان جي آبادي ارب پتي ماڻهن لاءِ آهي، حڪمرانن جا غلط فيصلا ملڪ کي ڪمزور ڪري رهيا آهن، اڄ خيبرپختونخواهه اوهان کان ناراض آهي، بلوچستان بغاوت لاءِ تيار آهي، سنڌ احتجاج ڪري رهي آهي، اهڙين حالتن ۾ علط فيصلا ملڪ لاءِ حاڃيڪار ثابت ٿي سگهن ٿا، هن بلاول ڀٽو زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته بلاول صاحب جيڪڏهن اوهان کي پاڪستان کپي جو نعرو هڻڻو آهي ته بلوچستان يا خيبرپختونخوا هليا وڃو، اوهان حڪومت ۾ آهيو، احتجاج نه فيصلا ڪريو، جيڪڏهن اوهان کان فيصلا نٿا ٿين ته حڪومت ڇڏي سنڌ جي عوام سان گڏ بيهو، مان اوهان جي ڳچيءَ ۾ پهريون گلن جو هار پارائيندس، هن چيو ته 4 اپريل ورسي جي خطاب وقت مان بلاول ڀٽو جي تقرير وقت انتظار ڪري رهيو هئس ته هو اعلان ڪندو ته شهباز شريف ڪئنالن جي اڏاوت وارو منصوبو واپس وٺو نه ته اسان حڪومت ڇڏي ڏينداسين ۽ اوهان کي حڪومت ڪرڻ نه ڏينداسين پر هڪ ڪلاڪ جي تقرير ۾ هن اهڙو اعلان نه ڪيو ۽ چوندو رهيو پاڪستان کپي، پاڪستان کپي، بلاول صاحب سنڌ جا 99 سيڪڙو قومپرست پاڪستان خلاف ناهن، جي يو آءِ، جي ڊي اي سميت ٻيون پارٽيون به پاڪستان مخالف ناهن، سنڌ سڀ کان پهريان پاڪستان جو نعرو هنيو، اڄ به پاڪستان جو نعرو لڳي رهيو آهي، پاڪستان جي سلامتي سنڌ جي سلامتي آهي، عوام کي باغي نه ڪيو وڃي. بلڙي شاهه ڪريم ۾ قومپرست ڌرين، سول سوسائٽي پاران رمضان لاشاري، وڪيو ميمڻ، بچل سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جاڙاواھ کان ريلي ڪڍي ملاڪاتيار جهرڪ پل تي احتجاج مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڪوٽڙيءَ ۾ پي ٽي آءِ طرفان مرڪزي اڳواڻ فردوس نقوي، مهيش ڪمار جيراماڻي، راڻا زاهد، اصغر مغل، ايس يو پي اڳواڻ خالد لاشاري، ايس ٽي پي اڳواڻ يونس اوٺو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽڙي ڦاٽڪ ڀرسان ايڊمور پمپ کان شهر جي مُک المدينا چونڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي فردوس نقوي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪمران ڪئنالن واري ضد تان لهن، ائين نه ٿئي جو ان جو نقصان وفاق کي کڻڻو پوي. هنن چيو ته سنڌو درياھ ۾ پاڻي گهٽ ڇڏڻ سبب ڊيلٽا تباھ ٿي وئي آهي، جيڪڏهن ڪئنال ٺهيا ته درياھ تباھ ٿي ويندو ۽ سنڌو درياھ کي تباھ ڪرڻ جو مطلب سنڌ کي تباھ ڪرڻ آهي. هنن چيو ته فارم 47 واري حڪومت کي سنڌ دشمن فيصلا ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪئنالن واري رٿا کي هڪدم ختم ڪرڻ گهرجي.باقراڻي ۾ جي يو آءِ طرفان لاڙڪاڻو_ خيرپور پل وٽ راشد محمود سومرو، ناصر محمود سومرو، محبت کهڙو، معظم علي عباسي، ڏاڏو الله بخش انڙ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ٺل ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران هڪ ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري رهبر چوڪ تي روشن ڪنراڻي، عبدالوهاب ڪنراڻي، اعجاز ڪنراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، قمبر ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي 2 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ساجد مهيسر، غلام مصطفيٰ چانڊيو،قادر ڀٽو، مرڪ منان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. گڊو ۾ جي يو آءِ طرفان گڊو بئراج پل جي وچ ۾ گيٽ نمبر 30 وٽ شاميانو لڳائي عبدالقيوم ھاليجوي، راشد محمود سومرو، ڊاڪٽر اي جي انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.جڏهن ته 4 ڪلاڪ گذرڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.. قمبر جي ڳوٺ ڇڄڙا جي نوجوانن ايڪو سائونڊ گاڏي تي رکي احمد نواز ڀٽو، عبدالستار کوسو،شعيب ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ جميعت علماءِ اسلام طرفان سنڌ بچايو سنڌو بچايو جي سِري هيٺ صوبائي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ سکر بئراج کان پوءِ لاڙڪاڻو – خيرپور پل تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي، الله بخش انڙ، جي يو آءِ اڳواڻن ناصر خالد محمود سومرو، محبت علي کهڙو، عبدالقيوم هاليجوي، مولانا طاهر خالد محمود سومرو، موالانا مير محمد ميرڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. خانپور ۾جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان ميان عبدالسميع بلالي، اسلام الدين لھر، شڪيل جھلڻ، طالب ديشي، درياءَ خان سيٺار، يحيٰ بختيار ٻپڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي، وارهه ۾ اهلسنت جماعت طرفان پير منور قريشي، نثار احمد گاڏھي، تاجل چانڊيو، اوشاق علي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي فاضل راهو چوڪ تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو. رستم ۾ جي يو آءِ طرفان ولي پھوڙ، امان الله پھوڙ، سجاد جتوئي، زاھد پھوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڌرڻو هنيو ويو.خانپور ۾ جي يو آءِ طرفان فيضو بنگلي کان امان الله پھوڙ، ولي الله پھوڙ، زاھد حسين پھوڙ، ذبيع الله، منير احمد ڀيو، سجاد حسين جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪيو ويو. نصيرآباد ۾ سول سوسائٽي طرفان رياض ڦلپوٽو، جي ايم لاشاري، ساگر تنيو، ابراهيم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي.ٻي طرف ڄامشوري ۾ ڳالهائيندي جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومرو چيو ته اڄوڪو احتجاج وفاق ۽ پنجاب کي پيغام ڏيڻ لاءِ هو ته هڪ اشاري جي دير آهي، لکين ماڻهو سرحد تي هوندا، سنڌ پنجاب دنگ بند ٿي ويندو، اهو انتهائي قدم هوندو، صوبن ۽ قومن کان حق کسيا ويا ته ملڪ مضبوط نه رهندو، ڪئنالن جي معاملي تي پيپلزپارٽي ٻٽو معيار ختم ڪري، احتجاج اسان جو ڪم آهي، بلاول، شهباز حڪومت کي 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏئي ته ڪئنال رٿا واپس وٺي.